اسلام آباد(بيورو رپورٽ) انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت مملڪتي وزير شزا فاطمه چيو آهي ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ مڪمل طور تي فنڪشنل آهي ۽ واٽس ايپ سميت سڀ موبائل ايپس پوري طرح هلي رهيو آهن.قومي اسمبلي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران پيپلز پارٽي جي ميمبر شازيه مري سوال ڪيو ته پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جو مسئلو ڪيستائين حل ٿيندو؟ جنهن جي جواب ۾ شزا فاطمه چيو ته ملڪ ۾ هن وقت انٽرنيٽ مڪمل طور تي فنڪشنل آهي ۽ واٽس ايپ سميت سڀ موبائل ايپس پوري طرح ڪم ڪري رهيون آهن. شزا فاطمه چيو ته ملڪ ۾ سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان رابطي ۾ آهيون، هلندڙ سال هنيئر تائين آءِ ٽي گروٿ ۾ 28 سيڪڙو واڌ آئي آهي ۽ هن شعبي ۾ 1.8 ارب ڊالر جي ايڪسپورٽ ٿي آهي. مملڪتي وزير ٻڌايو ته سب ميرين ڪيبل جي اَپ گريڊيشن تي ڪم ٿي رهيو آهي، ڪيبل ڪنيڪٽيويٽي سان سينٽرل ايشيا ۽ چين جو سڄو انٽرنيٽ ڊيٽا پاڪستان مان ٿي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ آءِ پي رجسٽريشن لاءِ پي ٽي اي باضابطا ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، وي پي اين ۽ آءِ پي جي رجسٽريشن بنا ڪنهن معاوضي جي ڪئي پئي وڃي، هنيئر تائين ڪمپنين ۽ فري لانسرز جا 31 هزار کان وڌيڪ وي پي اينز رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن.
سنڌ ۾ امن و امان جي بدتر صورتحال جو زميوار ڪير؟
سنڌ اسيمبلي ۾ شاگرد يونين جي چونڊن بابت ٺهراءُ رد
ايڊيشنل رجسٽرار خلاف توهين عدالت ڪيس ڊي لسٽ
ارم تنوير جي ايس اين ايس آمد،پرنٽ ميڊيا جا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري
حڪومت ملڪ رياض جي حوالگي لاءِ گڏيل عرب امارتن سان رابطي ۾ آهي: نيب
بِٽ ڪوائن جو مُلهه هڪ لک نَو هزار کان وڌيڪ رڪارڊ
ايف بي آر آفيسرن کي روڪ رقم ڏيڻ واري اسڪيم جي منظوري
سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو
اتحادي آمهون سامهون،پنجاب پنهنجي حصي مان ڪينال پيو ٺاهي ته اعتراض ڇا جو
وزيراعظم جي اسيمبلي ۾ آمد تي اپوزيشن جو احتجاج، ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون
برطانيا پاڪستاني انب جو سڀ کان وڏو خريدار بڻجي ويو
عدليه کان درخواست آهي ته اسان جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪري
اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي 11 فيبروري تائين مهلت ڏئي ڇڏي
بينچ کان ڪيس واپس وٺڻ سان عدليه جي آزادي ختم ٿي ويندي
3 ججن جو چيف جسٽس ۽ آئيني بينچ جي سربراهه کي خط
شاهه ۽ لنجار طرفان ڪراچي جي رسالا پوليس اسٽيشن جو دورو
القادر ٽرسٽ ڪيس جي فيصل خلاف اڄ اپيل داخل ڪرڻ جو اعلان
ڪنڀر ڪيس ۾ 18 جوابدارا 7 ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي
ڪچي ۾ آپريشن، ڊومڪلي حملي ۾ ملوث ٽي ڏوهاري گرفتار
پوليس جو مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن، گهر گهر جهڙتي