ملڪ ۾ وي پي اين کي بلاڪ نه پيو ڪيو وڃي:پي ٽي اي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ورچوئل پرائيويٽ نيٽ ورڪ (وي پي اين) کي بلاڪ ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن جو وضاحتي بيان سامهون اچي ويو. پي ٽي اي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ملڪ ۾ وي پي اين کي بلاڪ نه پيو ڪيو وڃي، آءِ ٽي ڪمپنين کي پنهنجي آءِ پي ايڊريس وي پي اين تي رجسٽر ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون. پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته سافٽ ويئر هائوسز، فري لانسرز ۽ بئنڪن کي به رجسٽر ڪرڻ جو چئي رهيا آهيون، رجسٽريشن سان ڪنهن به خلل تي آءِ ٽي ڪمپنين جون خدمتون متاثر نه ٿينديون. پي ٽي اي موجب وي پي اين جي رجسٽريشن پي ٽي اي ۽ پي ايس اي بي جي ويب سائيٽس تي دستياب آهي، رجسٽريشن ون ونڊو آپريشن آهي، جيڪو 2 کان 3 ڏينهن ۾ مڪمل ٿيندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو