ملڪ ۾ وڌندڙ منڪي پاڪس وائرس

غلام حسين جوڻو
ٻڌايو پيو وڃي ته، دنيا ۾ “منڪي پاڪس” هڪ خطرناڪ وائرس ظاهر ٿيو آهي. هن وائرس کي ”ايم پاڪس“ به سڏيو وڃي ٿو. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ هن وائرس جا ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن. هي وائرس موتمار آهي. انساني جانيون ضايع ڪندڙ آهي. جنهن ڪري دنيا پريشان ٿي ويئي آهي ته هن مان جان ڪيئن ڇڏائجي. عوام کي هن وائرس کان ڪيئن بچائي سگھجي. ان سلسلي ۾ کوجنائون شروع ڪيون ويون آهن. ريسرچ جو ڪم جاري آهي.
تازو جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته، پاڪستان ۾ به هن وائرس جا ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن. هتي پهرئين هڪ ڪيس ظاهر ٿيو. مريض جو تعلق خيبر پختونخواهه جي ضلع مردان سان ٻڌايو ويو آهي. جيڪو نار وارن ملڪن مان ٿيندو. پاڪستان پهتو آهي. ان کان پوءِ، منڪي پاڪس جو انگ وڌي ٽي ٿي ويو آهي. ارشاد روغاني، ڊائريڪٽر پبلڪ هيلٿ خيبرپختونخوا اهڙي تصديق ڪندي چيو آهي ته، صوبي ۾ “منڪي پاڪس” جا ٽي ڪنفرم ڪيس سامهون اچي چڪا آهن. جنهن مان هڪ ڪيس اڳ جو آهي. جڏهن ته ٻه ڪيس ان کان پوءِ جا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته، هن وائرس جي مريضن لاءِ آئسوليشن وارڊ ٺاهيا پيا وڃن. جيڪي تياري هيٺ آهن. ان وائرس کان بچاءَ لاءِ وڏي پيماني تي ڪوششون جاري آهن. ان سلسلي ۾ هوائي اڏي سميت ٻين الاقوامي سرحدن تي هيلٿ جون ٽيمون مقررڪيون ويون آهن ۽ ڪووڊ جي ٽيمن کي انهن جاين تي فعال ڪيو ويو آهي. ٻاهرين ملڪن کان ايندڙ سمورن شڪي مسافرن جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي. سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته، اهو واضح آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ڪوبه ڪيس ظاهر ڪونه ٿيو آهي. جيڪي به ڪيس ظاهر ٿيا آهن سي پرڏيهي آهن. اها به تصديق ڪئي ويئي آهي ته اهي مسافر نار وارن ملڪن کان اچي رهيا آهن.
ياد رهي ته ”منڪي پاڪس“ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. ان هنگامي حالت کي منهن ڏيڻ لاءِ صحت جي عالمي اداري ايمرجنسي به ڊڪليئر ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته خيبرپختونخوا صوبي ۾ اڳواٽ ئي عوام طبي عملي لاءِ ايڊوائزري جاري ڪئي آهي. اهڙي رپورٽ ارشاد روغاني صاحب چند ڏينهن اڳ ۾ ڏني هئي.
”منڪي پاڪس“ وائرس جا ٻه قسم ٻڌايا پيا وڃن. جن مان هڪ کي ڪليڊ ون چيو وڃي ٿو. جڏهن ته ٻئي قسم کي ڪليڊ ٽو جو نالو ڏنو ويو آهي. 2022ع ۾ ڪليڊ ٽو جي ڪري پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. اهو وائرس دنيا جي تقريبن هڪ سئو ملڪن ۾ پکڙجي ويو هو. هي انهن ملڪن ۾ پکڙجي ويو هو جتي عام طور تي وائرس نه هوندا آهن. انهن ملڪن ۾ يورپ ۽ ايشيا جا ڪجهه ملڪ به شامل آهن ۽ هي وائرس اتي گھميو پئي. پر، اتي وئڪسين جو بندوبست ڪري وائرس تي ضابطو آندو ويو. مليل ڄاڻ موجب آفريڪي سينٽرز فار ڊيزيز ڪنٽرول اينڊ پريوينس (سي ڊي سي) جو چوڻ آهي ته، هلندڙ سال جي شروع کان جولاءِ جي آخر تائين 14500 کان وڌيڪ ماڻهو هن وائرس جي حملي ۾ بيمار ٿيا ۽ ”ايم پاڪس انفيڪشن“ ۾ 450 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. هنن انگن اکرن مان معلوم ٿئي ٿو ته، ڪووڊ وانگر هي وائرس به خطري جي گھنٽي آهي جنهن سبب وڌيڪ موت واقع ٿي سگھن ٿا.
هن وقت جي خيبرپختونخوا ۾ ٽي ڪيس ظاهر ٿيا آهن. جن جو ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان. انهن ٽن ڪيسن کي نظرانداز نه ڪرڻ گھرجي. پر، ان وائرس کان بچڻ لاءِ هينئر کان سوچڻ گھرجي اهو وائرس پکڙجي سگھي ٿو. ۽ پنهنجو دائرو ملڪ جي ٻين علائقن ۽ صوبن تائين وڌائي سگھي ٿو. ان خطري کي هر گز رد ڪري نه ٿو سگھجي. پرڏيهه مان ايندڙ ماڻهن تي گھري نظر رکڻ جي ضرورت آهي. ان جو سبب اهو آهي ته هتي جيڪي ڪيس ظاهر ٿيا آهن. اهي پرڏيهي ماڻهن جا آهن. هتي پرڏيهي ملڪن مان روزانه ڪيترائي مسافر اچن ٿا. جنهن ڪري انهن جي چڪاس ۽ طبي معائنو ڪرڻ به لازمي آهي. شڪي مسافرن کي چڪاس ڪرڻ کان پوءِ ڇڏيو وڃي. اها نشاندهي وقت جي اهم تقاضا آهي، جنهن ۾ هرگز سستي ڪرڻ نه گھرجي بهرحال هن وائرس کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ جي ضرورت آهي.
هاڻ، سوال ٿو پيدا ٿئي ته، هن وائرس جون ڪهڙيون علامتون آهن. جن مان سمجهي سگھجي ته هي ماڻهو وائرس جو شڪار آهي. ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته، وائرس جي علامت شديد بخار، مٿي ۾ سور، چيلهه ۾ سور ۽ ڏورن ۾ سور جي تڪليف ٿيندي آهي هتي ڪنهن مريض کي اهي شڪايتون هجن ته يڪدم ڊاڪٽرن وٽ پهچي چڪاس ڪرائي ۽ انهن جي مشوري موجب ضروري ٽيسٽون ڪرائي ته جيئن خبر پئجي سگھي ته“ ايم پاڪس” جي حملي جي تڪليف ته ڪونه ٿي اٿس. حڪومت کي به گھرجي ته هر شهر ۾ ڄاڻايل ٽيسٽن جي سهولت فراهم ڪري. چڪاس ۽ ٽيسٽن جي سواءِ معلوم ٿي ڪونه سگھندو ته بيمار مريض کي ڪهڙي مرض ورائي ويو آهي. دنيا جي ترقي يافته ملڪن وانگر هتي به عوام کي وائرس کان بچڻ لاءِ سهولتون ملڻ گھرجن. اسپتالن ۾ اڳواٽ ئي آئسوليشن وارڊ ٺاهيا وڃن. جيڪي ضرورت وقت استعمال هيٺ اچي سگھن ٿا. ان لاءِ وئڪسين جو مناسب بندوبست به ڪرڻ گھرجي. ان ڏس ۾ صحت کاتي کي پنهنجيون ذميواريون نڀائڻ گھرجن. پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.
اسان جي ملڪ ۾ آگاهي مهم بلڪل ڪونه آهي. انهيءَ شيءَ جو فقدان نظر اچي ٿو. هن وقت ملڪ ۾ منڪي پاڪس جا ٽي ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن. حڪومت کي گھرجي ته، ان جي خطرناڪ نتيجن کان عوام کي آگاهي ڏيئي. انهيءَ کان بچاءِ لاءِ احتياط ۽ علاج جي باري ۾ عوام کي ٻڌائي. پر، حڪومت اڃا خاموش آهي. لڳي ائين ٿو ته اها اڳواٽ ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪونه آهي. هيءَ هڪ خطرناڪ وائرس آهي. ان جي پکڙجڻ کان اڳ ۾ سخت اپاءَ ورتا وڃن. جيڪي ماڻهو ٻاهرين ملڪن مان اسان جي ملڪ اچي رهيا آهن. انهن جي ڪڙي نگراني ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن مسافرن جي طبي چڪاس کي لازمي ۽ يقيني بنايو وڃي. تڏهن وڃي اها خبر پوندي ته اهي هن وائرس ۾ ورتل ته ڪونه آهن. جيڪڏهن ورتل آهن ته انهن کي آئسولشن وارڊن ۾ داخل ڪري علاج شروع ڪيو وڃي ته جيئن اهو، وائرس ٻئي ڪنهن کي لڳي نه سگھي. ان سلسلي ۾ ملڪ جي سڀني اسپتالن ۾ خاص انتظام ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ صحت کاتي کي به الرٽ ڪيو وڃي ته جيئن ڪوبه جاني نقصان نه ٿي سگھي. عوام جون جانيون انتهائي قيمتي آهن. جن جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جي اولين ذميواري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو