ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ سان مسئلا حل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ خواجه اظهار الحسن چيو ته ملڪ ۾وڌيڪ صوبا ٺاهڻ سان مسئلا حل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي خواجه اظهار الحسن چيو ته دنيا جا سڀني ملڪن ۾ٻيا به صوبا ٺاهيا پيا وڃن، پاڪستان ۾ چئني صوبن ۾ آبادي وڌي رهي آهي، پوري پاڪستان ۾ نواز صوبا ٺاهڻ کپن، هن چيو ته پيپلزپاٽي جبوري پنجاب صوبي جي حمايت ڪندي آهي پر سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جي مخالف ڪندي آهي. سڄو جهيڙو اقتدار ۽ پيسي جو آهي، ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته وڌيڪ صوبا ٺاهڻ سان مسئلا حل ٿيندا. بدقسمتي سان بيورو ڪريسي ۾ ماڻهو نون صوبن جا حامي ناهن. خواجه اظهار الحسن چيو ته صوبن سان گڏ وسيلن کي ورهائڻ جو فارمولو به طئي ڪرڻو هوندو. صوبن جي حساب سان هاڻي پاڻي جو جهيڙو شروع ٿي ويو آهي. ايم ڪيو ايم هميشه حڪومتن کي بااختيار ٿيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، يونين ڪائونسل بااختيار هونديون ته صوبن ڊمانڊ ۾ اضافو ٿيندو، هن چيو ته چين، سينگاپور ۾ نوان صوبا ٺهي رهيا آهن. پيپلزپارٽي ڪڏهن به نه چاهيندي ته سنڌ ۾ صوبو ٺهي، سول سوسائٽي کي به پنهنجو رول ادا ڪرڻو هوندو. نون صوبن لاءِ ٽي ميجورٽي سان قرار داد آڻڻ کپي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو