ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي سپر ماڊل ۽ اداڪارا ناديا حسين انڪشاف ڪيو آهي ته هن سلمان خان جي پارٽيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ کوڙ منٿون ڪيون ويون هيون. ويجهڙ ۾ ناديا حسين نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي نجي زندگي ۽ ڪيريئر بابت دلچسپ قصا شيئر ڪيا. ميزبان اداڪارا کي ماضيءَ ۾ ڀارتي شهر ممبئي جي سفر بابت سوال ڪيو جنهن جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته هوءَ هڪ اشتهار جي شوٽنگ لاءِ ممبئي وئي هئي. ناديا پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته جنهن هوٽل ۾ هوءَ ترسيل هئي ان جي هال ۾ سلمان جي ڀيڻ جي سالگرهه پارٽي ٿي رهي هئي. اداڪارا موجب، جڏهن هن کي خبر پئي اِها سلمان خان جي پارٽي آهي ته هن ڏاڍا هٿ پير هنيا ۽ منٿون ڪيون ته ڪيئن به ڪري پارٽي ۾ پهچي، شڪر آهي جو ڪهڙي به طريقي سان اجازت ملي وئي. هن چيو ته پارٽيءَ ۾ بالي ووڊ جون سڀ مشهور شخصيتون موجود هيون، ڊپيڪا پاڊڪون، ڪترينا ڪيف ۽ رنبير ڪپور سڀ اتي هئا، اِها تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن ته ڪترينا سلمان خان سان لاڳاپن ۾ هئي ۽ دپيڪا ۽ رنبير ڪور هڪ ٻئي کي ڊيٽ ڪري رهيا هئا. ناديا چيو ته اِها حقيقت آهي ته هن جي پارٽي ۾ ڪنهن سان به ملاقات نه ٿي پر مشهور شخصيتن کي ويجهو کان ڏسڻ جو موقعو مليو، بالي ووڊ ۽ پاڪستاني اسٽارز جي پارٽيءَ ۾ وڏو فرق آهي.
وزيراعظم جو 5 سالا اقتصادي پلان “اڏار پاڪستان” گيم چينجر
ورڪس کاتي ٿيندڙ ڀرتين جي آرڊر جعلي قرار،ترجمان جي ترديد
ايس اين ايس جو اجلاس ۾ اخباري مسئلن ۽ ميڊيا آزادي تي ڳالهيون
غفلت ڪندڙ آفيسرن ۽ عملي خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي
صحافي منظور ملڪ جي چاليهي جي دعا ٿي گذري، مغفرت لاءِ دعا
باني ۽ ٻين قيدين جي آزاديءَ سميت جڊيشل ڪميشن جو مطالبو
ريلوي ۽ ايف جي آئي آر ڪراچي ڊويزن جي سالياني انسپيڪشن مڪمل
سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ ڌاڙيل راڄ ۾ پ پ برابر جي شريڪ آهي:جماعت اسلامي
عمران خان کي اڊيالا جيل کان بني گالا منتقل ڪرڻ جي آڇ
موسميات کاتي ڪراچي ۾ چار جنوري کان ٿڌ وڌڻ جو امڪان ظاهر
9 مئي جي 19 ڏوهارين جون سزائون معاف ڪرڻ جو اعلان
19 ماڻهن لاءِ معافي جو اعلان وڏي اڳڀرائي نٿو سمجهان: بيرسٽر گوهر
قيدين جي آزادي تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪبو، عمران جي ڪميٽي کي هدايت
ممتاز زهريٰ بلوچ فرانس ۾ پاڪستان جي سفير مقرر، نوٽيفڪيشن جاري
هڪ سال دوران وڌيڪ 1 ڪروڙ 30 لک پاڪستاني غربت جو شڪار
ڪي ايم سي پمپنگ اسٽيشنن کي پارڪ ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو
ملڪ جي بهتري لاءِ گڏجي ويهي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن: اياز صادق
ايم ڊبليو ايم طرفان سڄي ملڪ ۾ لڳل ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان
مهانگائي 5 سيڪڙو جي ويجهو پهچي وئي آهي: اسحاق ڊار
سنڌ حڪومت 27 ڊسمبر تائين موڪل تي هئي؟ علي خورشيدي