ممتاز علي شاهه 4 سالن لاءِ وفاقي انشورنس محتسب مقرر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)رٽائرڊ بيوروڪريٽ ممتاز علي شاهه کي 4 سالن لاءِ وفاقي انشورنس محتسب مقرر ڪيو ويو آهي.قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزارت ممتاز علي شاهه کي وفاقي انشورنس محتسب مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.ياد رهي ته ممتاز علي شاهه سنڌ ۾ اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري ۽ سنڌ جو اڳوڻو چيف سيڪريٽري، سنڌ بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جو صوبائي ڪمشنر ۽ گريڊ 22 جو رٽائرڊ بيوروڪريٽ پڻ رهي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو