اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله اشارو ڏيندي چيو آهي ته ممڪن آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جو ملٽري ٽرائل ڪيو وڃي، سياسي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، ڇو ته سياسي مسئلن جي حل جو ڊائيلاگ کان علاوه ٻيو ڪوبه طريقو نه آهي.راڻا ثناءُالله هڪ انٽرويو ۾ پي ٽي آءِ باني تي سخت تنقيد ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته هنن جي تقريرن ملڪ ۾ معاشي افراتفري ۽ 9 مئي جي فسادن کي جنم ڏنو هو. فوجي عدالتون 9 مئي جي واقعي بابت هڪ هفتي ۾ فيصلو ٻڌائينديون.راڻا ثناءُالله 9 مئي جي فسادن لاءِ پي ٽي آءِ باني کي جوابده ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪندي چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني انهي ڀڃ ڊاهه جو ڏوهاري قرار ڏنو ويو ته انهي جي خلاف ملٽري ايڪٽ جي تحت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.پي ٽي آءِ جو ٻيو نالو عمران خان آهي ڇو ته انهي جي اجازت کان سواءِ پي ٽي آءِ ۾ ڪوبه ڪجهه نٿو ڪري سگهي. عمران خان پنهنجي آزادي کان علاوه ڪنهن به قسم جون ڳالهيون اڳتي وڌائڻ جي موڊ ۾ نه آهي.راڻا ثناءُالله مدرسن جي رجسٽريشن واري بل جي معاملي تي چيو ته مولانا فضل الرحمان جيڪا ڳالهه چئي رهيو آهي انهي ۾ وزن آهي مدرسن جي رجسٽريشن واري بل جو مسئلو ايترو وڏو نه آهي ڪجهه ڏينهن ۾ حل ٿي ويندو.
سول نافرماني واري حڪم تي عمل ڪبو پر اڃا صورتحال واضح ناهي، گنڊاپور
ممڪن آهي ته عمران خان جو ملٽري ٽرائل ڪيو وڃي: راڻا
وفاقي سرڪار پاران وڏي وزير علي امين گنڊا پور جا الزام رد
ڪراچي پرامن شهر آهي، ترقياتي ڪم جاري آهن:مرتضيٰ وهاب
انوکي واردات، ڪباب وڪرو ڪندڙ کان 10 ڪلو قيمو ڦر
آمريڪا ۾ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي عارضي طور تي روڪڻ جي درخواست رد
محمد عرفان پاران عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان
يونان ۾ مهاجرن جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 5 ڄڻا فوت، 40 لاپتا
انساني اسمگلنگ هڪ سنگين عمل آهي: صدر آصف زرداري
ٻيڙي حادثي ۾ پاڪستانين جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار، رپورٽ طلب
بلاول پاران ڪراچي ۽ ملير بار جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد
ن ليگ جو سينيئر اڳواڻ صديق الفاروق لاڏاڻو ڪري ويو
پاڻي جي شديد کوٽ، ڪراچي واسي پريشان
مدرسن جي بل واري معاملي تي جي يو آءِ پي ٽي آءِ کان مدد گهري ورتي
ضلعي ۾ ٻه ٽول ٽيڪس قائم ڪرڻ سبب عوام پريشان آهي: جميل الزمان
واپار کي آسان بڻائڻ لاءِ فيس ليس ڪسٽم اسيسمينٽ سسٽم لاڳو
اسڪردو ۾ لينڊ سلائيڊنگ، گاڏي ڪلٽي ٿيڻ سبب 5 ڄڻا فوت
گهرو وزير جي رياض ۾ سعودي هم منصب سان ملاقات
گهريلو صارفين کي گيس ڏيڻ جو شيڊول جاري
پاڪستان مان پوليو ڇو ختم نٿو ٿئي؟