منهنجو مقصد هاڻي عالمي رڪارڊ ٺاهڻ آهي: ارشد نديم

لاهور (ويب ڊيسڪ)پيرس اولمپڪس 2024ع جي گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم جو چوڻ آهي ته اولمپڪس رڪارڊ قائم ڪرڻ کانپوءِ هاڻي منهنجو مقصد عالمي رڪارڊ ٺاهڻ آهي.ڳالهائيندي هن چيو ته هن 4 مهينن جي وقفي کانپوءِ ٽريننگ شروع ڪئي آهي، هو فٽنس تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، هو جلد مڪمل مشق شروع ڪندو.ارشد نديم جو چوڻ آهي ته ايندڙ سال اهم ايونٽ اچي رهيا آهن، هو ڀرپور تياري سان شرڪت ڪندو، مقصد 2025ع ۾ به ڪاميابي حاصل ڪرڻ آهي.هن چيو ته هو ايشين ايٿليٽڪس، ڊائمنڊ ليگز ۽ ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ ۾ شرڪت ڪندو.ٻئي طرف ارشد نديم جي ڪوچ سلمان اقبال بٽ جو چوڻ آهي ته ڪنڊيشننگ سيشن جاري آهي، ارشد نديم جا عضلات مضبوط ڪيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو