اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) ۽ ناڻي واري وزارت وچ ۾ اهو اتفاق ٿي ويو آهي ته مني بجيٽ نه آندو ويندو، ٽيڪس حدف 12 هزار 970 ارب روپيه برقرار رهندو. جڏهن ته پيٽروليم مصنوعات تي جنرل سيلز ٽيڪس به لڳايو ويندو.ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن ۽ معاشي ٽيم جي وچ ۾ اڄ ڳالهين جا 2 دورا ٿيا. ناڻي واري وزارت ۽ آءِ ايم ايف مشن وچ ۾ مقامي قرض تي به تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن ٻڌايو آهي ته ناڻي واري وزارت جي اختيارين آءِ ايم ايف مشن کي مقامي قرض تي بريفنگ ڏني. آءِ ايم ايف جي طرفان مقامي قرض بابت اعتراض نه اٿاريو ويو.بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت مقامي قرض کي لاڳيتو گهٽ ڪري رهي آهي. مقامي قرضن جي ادائيگي جو مدو وڌائي رهيا آهيون. ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن کي گراس فنانسنگ ۽ ڊيبٽ ميچورٽي، حڪومتي سطح تي ڊيجٽلائزيشن، آرٽيفيشل انٽيجلنس قدمن کان پوءِ روينيو وصولين ۾ بهتري تي به بريفنگ ڏني وئي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن چيو آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڪيترن ئي نقطن تي اتفاق ٿي ويو آهي جنهن ۾ اهو به شامل آهي ته مني بجيٽ نه آندو ويندو جڏهن ته 12 هزار 970 ارب جو حدف برقرار رهندو ۽ پيٽروليم مصنوعات تي جنرل سيلز ٽيڪس به نه لڳايو ويندو.ذريعن موجب ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح 8.8 مان وڌائي 10.3 سيڪڙو ٿيڻ تي آءِ ايم ايف مطئن آهي، انهي کان علاوه آءِ ايم ايف کي يقين ڏياريو ويو آهي ته زرعي شعبي مان ٽيڪس وصولي ايندڙ سال کان شروع ٿي ويندي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان واپاري دوست اسڪيم ۾ ڪجهه تبديلين تي ڳالهين جو امڪان آهي 3 مهينن ۾ ريٽيلرز کان 12 ارب روپيه ٽيڪس جمع ڪيو ويو ۽ رجسٽرڊ واپارين جو انگ 2 لک مان وڌي 6 لک تائين پهچي ويو آهي.
وفاقي سرڪار نه عزت ڏئي ٿي نه معاهدن تي عمل ٿي ڪري: بلاول ڀٽو
چينين جي سڪيورٽي لاءِ چين مان ٽيمون اچڻ جون ڳالهيون غلط آهن
هرنائي آپريشن ۾ 2 جوان شهيد، 3 دهشتگرد مارجي ويا
پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان کي 29 رنسن تان شڪست
پي ٽي آءِ ٻيهر ملڪ کي يرغمال بڻائڻ چاهي ٿي، ميمڻ
پنجاب ۾ ڪوهيڙي جي صورتحال برقرار، لاهور سڀني کان اڳتي
شاهه سان گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل جي ملاقات
ايل پي جي جي قيمت 350 رپيا في ڪلو کان وڌي وئي
ڊي جي خان: زرتاج گل جي ضمانت منظور
بجلي، پيٽرول ۽ گيس جي اصل قيمت وصول ڪئي وڃي
پي ٽي آءِ باني جي سڏ تي سڄي دنيا ۾ احتجاج ٿيندا: گوهر
پي ٽي آءِ باني پاڻ کان ٻاهر نڪري پاڪستان جو سوچي:وهاب
ريتي بجري جو غير قانوني ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪاروائي جو فيصلو
پي ٽي آءِ جو 24 نومبر جو احتجاج مس ڪال ثابت ٿيندو
غزه ۾ حملا ،24 ڪلاڪن دوران 47 فلسطيني شهيد، 182 زخمي
قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل نظرثاني درخواست خارج
توشه خانه 2 ڪيس، خان ۽ بشرا جي بريت واري درخواست رد
ظلم برداشت ڪرڻ جا عادي ٿي چڪا آهيون: گنڊاپور
آئيني بينچ جي پهرين ٻڌڻي،ماحولياتي آلودگي بابت رپورٽ طلب
ايف آءِ اي ڪراچي مان هنڊي جو وڏو نيٽ ورڪ پڪڙي ورتو