منڊي بهاءُ الدين ۾ آتشبازي جي سامان ۾ ڌماڪو، 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ 7 زخمي

منڊي بهاءُ الدين (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي ضلعي منڊي بهائو الدين ۾ آتشبازي جي سامان جي ڌماڪي سبب 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا آهن. ڦاليه جي علائقي ڪوٽ ڦلي شاهه ۾ هڪ گهر ۾ آتشبازي جي سامان ۾ باهه لڳڻ سبب ڌماڪو ٿي پيو. ڌماڪي جي نتيجي ۾ چئن عورتن ۽ هڪ ٻارڙي سميت ڇهه ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ست زخمي ٿي پيا آهن. ڌماڪي سبب گهر مڪمل تباهه ۽ ڀر واري گهر جي ڇت به ڪري پئي. اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل پهچايو. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو