مهانگائي تي ضابطو نه آيو، مصالحن جي اگهن ۾ اضافو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) صوبائي راڄڌاني لاهور ۾ مهانگائي بي قابو ٿي وئي، سبز مصالحن جا اگهه آسمان ڏانهن وڌڻ لڳا.هڪ طرف سرڪاري ريٽ لسٽ ۾ ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ته ٻئي طرف شهر جي مارڪيٽن ۾ ڀاڄيون من پسند اگهه تي وڪرو ٿي رهيون آهن.سرڪاري ريٽ لسٽ ۾ پياز جو اگهه 140 رپيا في ڪلو مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مارڪيٽ ۾ پياز 160 رپيا ڪلو تائين وڪرو ٿي رهيو آهي.آلو جو سرڪاري اگهه 85 رپيا في ڪلو برقرار آهي، جڏهن ته مارڪيٽ ۾ آلو 100 رپيا في ڪلو، لہسن 505 رپين جي مقابلي ۾ 600 رپيا، ادرک 585 رپين جي مقابلي ۾ 700 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي.اهڙي طرح ليمن جو اگهه 20 رپين جي واڌ کانپوءِ 550 رپيا في ڪلو مقرر ڪيو ويو آهي پر مارڪيٽ ۾ ليمون 600 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهيو آهي.ٻئي طرف برائلر گوشت جي اگهن ۾ 15 رپيا گهٽتائي ٿي وئي، جنهن کانپوءِ برائلر گوشت جو اگهه 562 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي، جڏهن ته فارمي انڊا اڃا تائين 301 رپيا في درجن ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو