مهانگائي جي شرح 70 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مهانگائي وڌڻ جي شرح 70 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي. ڳڻپ کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب نومبر 2024 ۾ مهانگائي جي شرح 4.9 سيڪڙو جي سطح تي رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته آڪٽوبر 2024 ۾ مهانگائي 7.2 سيڪڙو تي هئي. انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نومبر 2023 ۾ مهانگائي جي شرح 29.2 سيڪڙو هئي، جڏهن ته نومبر 2024 ۾ شهري علائقن ۾ مهانگائي 5.2 سيڪڙو ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ 4.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. ڳڻپ کاتي موجب گذريل مهيني کاتي پيتي جي شين ۾ 0.5 سيڪڙو جي معمولي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، پٽاٽا، ٽماٽا، بيضا، مڱن جي دال، ماکي، گيهه، تيل، خشڪ ميوا، مڇي، ڪڻڪ جو اٽو مهانگو ٿيو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل مهيني ڪڪڙ جو گوشت، ماش جي دال، چڻن جي دال، بصر، کنڊ، ڳُڙ، مهري دال ۽ چانور سستا ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو