نوشهروفيروز (ڊ ر) سنڌ جي مهان راڳي الهداد زرداري جي آپريشن لاءِ نوشهروفيروز ۾ فنڪارن، سماجي اڳواڻن ۽ صحافين جهولي فنڊ گڏ ڪيو، جنهن ۾ نوشهروفيروز جي شهرين ساڍا 26 هزار رپيا جهولي ۾ وڌا. هن جهولي فنڊ جي اڳواڻي سنڌ جي صوفي راڳي اعجاز علي خاصخيلي ۽ سڌير علي ميرالي پنهنجي ساٿين سان سُنگ جي صورت ۾ الله واري چوڪ کان شاهي بازار ۽ ٻين هنڌن تي شهرين کي اپيل ڪئي ته سنڌ جي مهان راڳي الهداد زرداري جي زندگي بچائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ تعاون ڪيو. ان قافلي ۾ غلام نبي ڀنڊ، ماسٽر گدا حسين سولنگي، سجاد عرف گڊو، سبحان فقير، سجاد خاصخيلي، پريس ڪلب جو صدر ايم ظفر تڳر، علي نواز سولنگي، حسيني آصف علي، فقير ميهر علي بهڻ ۽ ٻيا شامل هيا. جهولي فنڊ کان پوءِ پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ فقير اعجاز خاصخيلي صحافين کي ٻڌايو ته نيو جتوئي، مورو، نوشهروفيروز سميت مختلف جاين تي جهولي ڦهلائي آهي ۽ 12 اپريل تي باءِ پاس روڊ مورو تي الهداد زرداري جي علاج لاءِ هڪ چيئرٽي شو پڻ ڪرائي رهيا آهيون جنهن ۾ شمن علي ميرالي، دلشير تيوڻو، نگهت ناز، دلبر جلال، صائمه منظور، تاج مستاني، قربان جلال چانڊيو، مرڪ محبوب علي،امتياز ماڏائي سميت پوري سنڌ مان فنڪار ۽ الهداد زرداري جا چاهيندڙ شرڪت ڪندا. هن عوام کي اپيل ڪئي ته هن چيئرٽي شوکي ڪامياب ڪيو وڃي. واضح رهي ته الهداد زرداري گذريل ٽن سالن کان جگر جي بيماري ۾ مبتلا آهي ۽ سندس علاج تي 60 لک رپيا خرچ اچي ٿو. فقير اعجاز خاصخيلي ۽ سڌير علي ميرالي سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي ته الهداد زرداري زندگي بچائڻ لاءِ سندس علاج جو ذمو سنڌ سرڪار پاڻ کڻي.
تازيون خبرون
مشهور خبرون
