موبائل فون تي انٽرنيٽ جي رفتار ڪيئن چيڪ ڪجي؟

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي سستي سبب واهپيدار پريشان آهن، انٽرنيٽ سست هجڻ سبب آن لائن تعليم، ڪاروبار ۽ ٻيون سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن. انگن اکرن موجب انٽرنيٽ جي رفتار جي تازي درجابندي ۾ پاڪستان 198هين نمبر تي آهي، انٽرنيٽ جي رفتار جي حوالي سان پاڪستان فلسطين، ڀوٽان، گهانا، عراق، ايران، لبنان کان به پوئتي آهي.پاڪستان ۾ موبائل انٽرنيٽ ڊائون لوڊ جي سراسري رفتار 19.59 ايم بي پي ايس آهي، جڏهن ته براڊ بينڊ انٽرنيٽ جي رفتار سراسري طور 15.52 ايم بي پي ايس آهي پر موبائل فون استعمال ڪندڙ انٽرنيٽ جي رفتار پاڻ به چيڪ ڪري سگهن ٿا. موبائل فون تي انٽرنيٽ جي رفتار چيڪ ڪرڻ لاءِ گوگل پلي اسٽور ۽ ايپل اسٽور تي مختلف ايپس موجود آهن، جيڪي واهپيدارن کي پنهنجي موبائل ڪنيڪشن جي رفتار کي آسان، ون ٽيپ ٽيسٽنگ سان چيڪ ڪرڻ جي قابل بڻائين ٿيون.اهي ايپس مفت اسپيڊ ٽيسٽ فراهم ڪنديون آهن، جيڪي اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس ٻنهي لاءِ دستياب آهن، واهپيدارن انهن ايپس جي مدد سان ڊائون لوڊ ۽ اپ لوڊنگ جي رفتار ڄاڻي سگهن ٿا..

پهنجو تبصرو موڪليو