اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ 30 جون تي ختم ٿيل مالي سال 2018-19 ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ موبائل فون جي درآمد 10.8 سيڪڙو گهٽ ٿي آهي. پاڪستان شماريات بيورو جي رپورٽ موجب درآمد ڪيل موبائل فونز جي ماليت 75 ڪروڙ 55 لک 45 هزار ڊالر آهي جيڪا پوئين سال کان 10.8 سيڪرو گهٽ آهي. هن سال جون جي هڪ مهيني ۾ پوئين سال جون جي مقابلي ۾ 34.8 سيڪڙو موبائل فون جي درآمد ۾ گهٽتائي ريڪارڊ ٿي آهي. جنهن جو سبب پاڪستان ۾ وڌندڙ مهانگائي، روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ ٽيڪس سبب قيمتن ۾ اصافو ٻڌايو پيو وڃي.
