مودي جو عيد ميلاد النبي صلعم جي موقعي تي مبارڪباد جو پيغام

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي وزيراعظم نريندر موديءَ طرفان عيد ميلاد النبي صلعم جي موقعي تي مبارباڪ جو پيغام ڏنو ويو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ نريندي موديءَ عيد ميلاد النبي صلعم جي مبارڪباد ڏني. پنهنجي مختصر بيان ۾ نريندر مودي هم آهنگي، اتحاد ۽ خوشحالي جي دعا پڻ ڪئي. واضح رهي ته ڀارت ۾ عيد ميلاد النبيءَ جو چنڊ چار سپٽيمبر تي نظر آيو هو ۽ ڀارت ۾ عيد ميلاد النبي صلعم اڄ ملهائي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو