مودي جي نالي ڪرڪيٽ ڪوچ لاءِ درخواست جو انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ ڪيتريون ئي جعلي درخواستون سامهون آيون آهن.ڀارتي ميڊيا موجب اڳوڻي ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر، ايم ايس ڌوني ۽ وزيراعظم نريندر مودي جي نالن تي به درخواستون جمع ڪرايون ويون آهن.ميڊيا رپورٽن موجب گهرو وزير اميت شاهه سميت ڪيترن ئي سياستدانن ۽ ڪرڪيٽرن جي نالن کان درخواستون مليون آهن.ميڊيا رپورٽن موجب ڪيترن ئي مشهور ماڻهن جي نالن تي جعلي درخواستون جمع ڪرايون ويون آهن، ڀارتي بورڊ کي 3 هزار جي لڳ ڀڳ درخواستون مليون آهن.ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ هيڊ ڪوچ جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ان حوالي سان هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ هيڊ ڪوچ لاءِ فارم جاري ڪيو ويو هو.انڊين بورڊ جي هڪ آفيسر موجب، بورڊ گوگل فارم تي درخواستون طلب ڪري ٿو، جيڪو فارم تي نالن جي ڇنڊڇاڻ جي اجازت ڏئي ٿو، درخواستون جمع ڪرڻ جي آخري تاريخ 27 مئي هئي.ياد رهي ته ڀارتي ٽيم جي هيڊ ڪوچ راهول ڊريوڊ جو مدو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پڄاڻي تائين آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو