مودي دور ۾ پاڪ انڊيا ڪرڪٽ بحالي ممڪن ناهي،آفريدي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان ساهد آفريدي چيو آهي ته جيسين ڀارت ۾ نريندر مودي اقتدار ۾ هوندو تيسين ٻنهي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ تعلقات جي بحالي ممڪن نٿي لڳي. هن چيو ته مودي سرڪار ٻنهي جي راند ۾ رڪاوٽون وڌيو ن آهن. اهڙو اظهار هن عرب نيوز کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته رانديون ٻنهي ملڪن ۾ تعلقات بهتر ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجن پر هتي معاملو الٽو آهي. آفريد چيو ته عمران خان گهرجي ته هو اليڪشن کان اڳ ڪيل واعدا پورا ڪري، هن لاءِ سٺو موقعو آهي ته فوج ۽ عدليه سڀ هڪ پيج تي آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو