مودي کي پاڪستان ۾ ايس سي او اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)شنگهائي تعاون تنظيم جو ٻه ڏينهن وارو اجلاس هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ پاڪستان ۾ ٿيندو.پرڏيهي وزارت جي اختيارين موجب 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي پاڪستان ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي به شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ڀارتي وزيراعظم سميت سمورن ميمبر ملڪن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.پرڏيهي وزارت ڀارتي وزيراعظم سميت سمورن ملڪن جي سربراهن جي شرڪت جي تصديق جو انتظار ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو