باڪو (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف عالمي برادري کان موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي فريم ورڪ موجب خصوصي فنڊ مختص ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ترقي پذير ملڪن کي 2023 تائين 6 هزار ارب ڊالرن جي ضرورت آهي. آذربائيجان جي تخت گاهه باڪو ۾ ڪوپ 29 ڪانفرنس جي موقعي تي ڪلائميٽ فنانس گول ميز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان ماحولياتي تبديلي جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هن زور ڏنو ته ترقي پذير ملڪن کي 2030 تائين 6 هزار ارب ڊالرن جي ضرورت آهي، ترقي يافتا ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳتي اچڻو پوندو، سالن کان ڪيل واعدن ۽ خاطرين باوجود وڏي پئماني تي فرق وڌندو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ماضي ۾ ٻن وڏين ٻوڏن کي منهن ڏنو ۽ اڃا تائين نقصانن مان ناهي نڪري سگهيو. وزيراعظم موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي فريم ورڪ تي عمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ترقي يافتا ملڪن کي يو اين فريم ورڪ موجب فنڊ مختص ڪرڻا پوندا.
شھدادپور ۾ پورهيت جي گهر کي باهه،چوپائي مال سميت سامان سڙي رک
سي سي آءِ جو اجلاس سڏايو وڃي،وڏي وزير جو وفاق کان مطالبو
تڪراري منصوبن تي اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي،بلاول ڀٽو
ڪي پي ۽ پنجاب ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند ڪرڻ جو فيصلو
پي ٽي آءِ جو احتجاج روڪڻ لاءِ درخواست تي آءِ جي،گهرو وزير ۽ ٻيا طلب
پاڻي جي انتظام تي سنڌ جا خدشا بي بنياد ناھن، پاڻي سڀني جو گڏيل حق آھي
پي ٽي آءِ جو 24 نومبر واري احتجاج لاءِ جهادي اسڪواڊ تيار
ڪارڪنن جي گرفتارين تي حڪومت جي بي حسي واضح آهي: سيف
آئيني بئنچ ، مراد علي شاهه جي نااهلي واري درخواست رد
ڊالر 278 رپيا ٿي ويو،ايڪسچينج ۾ هاڪاري رجحان
وي پي اين استعمال ڪندڙن کي پڪڙڻ آسان نه هوندو: سجاد مصطفيٰ
سموري دنيا ۾ مهاڻن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي
بي آءِ ايس پي جي وظيفي مان ڪٽوتي ڪندڙ 2 ڊوائيس هولڊر گرفتار
گوتم اڏاڻي تي نيويارڪ جي عدالت پاران فرد جرم لاڳو
اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر محمد نذير جونيئر لاڏاڻو ڪري ويو
سارين جي امدادي اگهه ۾ اضافي جو مطالبو
سنڌيار سکر 21 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 21 نومبر 2024ع
راولپنڊي پوليس عمران خان جي نئين ڪيس ۾ گرفتاري ڄاڻائي ڇڏي
عزه ۾ جنگبندي جو ٺهراءُ چوٿون ڀيرو آمريڪا ويٽو ڪري ڇڏيو