موسمياتي فنانسنگ لاءِ آءِ ايم ايف کي ٻيهر درخواست ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)حڪومت موسمياتي فنانسنگ لاءِ آءِ ايم ايف کي ٻيهر درخواست ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب ناڻي وارو وزير موسمياتي فنانسنگ لاءِ آءِ ايم ايف کان 2 ارب ڊالرن جي درخواست ڪندو.ايم ڊي آءِ ايم ايف سان ملاقات دوران ناڻي واري وزارت ڪلائميٽ فنانسنگ تي ڪم ڪري رهي آهي، آءِ ايم ايف طرفان موسمياتي فنانسنگ جي پهرين درخواست قبول نه ڪئي وئي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته قرض پروگرام کانپوءِ هدفن تي عملدرآمد بابت شروعاتي رپورٽن جو آءِ ايم ايف عملدارن سان جائزو ورتو ويندو.ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاسن ۾ شرڪت کانپوءِ هفتي جي آخر ۾ وطن واپس ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو