موسيٰ خيل ۾ گيس ڪمپني ڪيمپ تي فائرنگ، مزدور اغوا

موسيٰ خيل (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي موسيٰ خيل ۾ قومي شاهراهه تي گيس ڪمپني جي ڪيمپ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري 20 کان وڌيڪ مزدورن کي اغوا ڪري ورتو.موسيٰ خيل ضلعو بلوچستان جو ضلعو لورالائي ۽ رخني برخان جي وچ ۾ واقع آهي.واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪوئيٽا جي علائقي پنجگور جي علائقي خدا آباد ۾ هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ مزدوري لاءِ آيل 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو هو.ان کان اڳ هلندڙ سال آگسٽ ۾ موسا خيل جي علائقي راره شام ۾ 23 مسافر مارجي ويا هئا.ان واقعي جي حوالي سان ايس ايس پي موسيٰ خيل ايوب اچڪزئي جو چوڻ هو ته سمورن ماڻهن کي ٽرڪ ۽ مسافر بس مان ڪڍيو ويو ۽ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو