مولانا جي ڌرڻي جو ڊراپ سين ڪهڙو ٿيندو؟ علي شير ڏيپر

مولانا فضل الرحمان واري آزادي مارچ جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو تنهن بابت مختلف حلقا مختلف رايا ڏيندا نظر اچي رهيا آھن جڏهن ته وزيراعظم عمران خان اڃا استعيفا نه ڏيڻ واري موقف تي قائم آھي ته ٻئي طرف مولانا فضل الرحمان استعيفا وٺڻ کان سواء ٻئي ڪنهن آپشن تي ڳالهائڻ يا ان بابت ڪنهن جي ڳالھه ٻڌڻ لاء تيار ئي ناهي جڏهن ٻه ڌريون پنهنجي پنهنجي موقف تي پڙ ڪڍي بيهي رهن ته پوءِ جيڪا صورتحال پيدا ٿئي ٿي اها ٽڪراءَ طرف ئي وٺي ويندي آھي هن وقت مولانا فضل الرحمان ۽ سندس مشاورت لاء جوڙيل رهبر ڪاميٽي وزيراعظم جي استعيفا ۽نين چونڊن جو اعلان ٻڌڻ لاءِ بي تاب آھن ته ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان ۽سندس پاران جوڙيل ڳالهين واري ڪاميٽي استعيفا کانسواءِ ھر معاملي تي ڳالهيون ڪرڻ لاء تيارآھي جيئن ته مولانا فضل الرحمان وزيراعظم عمران خان استعيفا لاء ٻن ڏينهن واري جيڪا مهلت ڏني هئي اها مهلت  ختم ٿي وئي ۽ ان کي هفتو گذري ويو جڏهن ته وزيراعظم عمران خان پاران استعيفا ڏيڻ وارو ڪو به اشارو سامهون نه اچي سگهيو جڏهن ته مهلت ختم ٿيڻ کان پوء ڇا ڪرڻ گهرجي واري سوال تي ويچار لاء جي۔يو۔آء جي 8 ڪلاڪن تائين لڳاتار ويچار ڪرڻ کانپوء قطعي فيصلي جا اختيار مولانا فضل الرحمان جي حوالي ڪري ڇڏيا. ان بعد ڪل جماعتي ڪانفرنس، رهبر ڪميٽي جا اجلاس ٿيا ۽ گڏيل اپوزيشن حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. مولانا اهو نه پيو ٻڌائي ته آخر هو ڪرڻ ڇا ٿو گهري ۽ اهوڪيتري حد تائين وڃڻ چاهي ٿو. حڪومت نٿي چاهي ته ڪو ماڊل ٽائون جهڙو سانحو پيش اچي ۽ بظاهر مولانا به سنجيده نظر اچي پيو . اهڙي صورتحال ۾ اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته ڪو مولانا جي تقريرن، ڌمڪين ۽ مطالبن سان حڪومت ختم ٿيندي. اوهان کي ياد هوندو ته جڏهن عمران خان ڌرڻو لڳايو هو تڏهن ان وقت جي حڪمران جماعت مسلم ليگ (ن)۽مخالف ڌر جو اڳواڻ خورشيد شاھ پنهنجي ان موقف تي قائم هئا ته اسان پارليا مينٽ کي بچائڻ گهرون ٿا عمران خان اسيمبلي ۾اچي پنهنجو موقف پيش ڪري جڏهن ته هن ڀيري حڪمران جماعت پي ٽي آءِ پاران اهڙي قسم جو ڪو به موقف اڃا تائين سامهون نه آيو آھي جنهن ۾اها اپوزيشن کي آڇ ڏيندي نظر اچي ته اپوزيشن قومي اسيمبلي ۾پنهنجو موقف پيش ڪري. ٻئي پاسي قومي اسمبلي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ به هلڙ بازي ٿي ۽ حڪومت 11 بل هڪ ڌڪ سان منظور ڪرايا.  پاڪستان کان اڳ هلايل هڪ وڏي تحريڪ جو ذڪر ڪرڻ به ضروري سمجهون ٿا اها تحريڪ جنهن جو سرواڻ علام مشرقي هو جنهن تي لکيل ڪتاب( تذڪرو) تن ڏينهن ۾وڏي مڃتا ماڻي هئي هن سڄي هندستان ۾خاڪسار تحريڪ جي نالي سان هڪ تحريڪ شروع ڪئي هئي جنهن جو هر ڪارڪن نيم مليشيا وردي پاتل هوندو هو جيڪي روزانو فوجي دستن وانگر پريڊ ڪندا هئا خاڪسار تحريڪ جي هر ڪارڪن جي ڪلهي تي بيلچو کنيل هوندو هو. خاڪسار تحريڪ ننڍي کنڊ جي هر ننڍي وڏي شھر ۾پنهنجا ڪارڪن تيارڪري ورتا هئا علاما مشرقي جڏهن ڏٺو ته هاڻ انگريز سرڪار خلاف آخري وار ڪرڻ جو وقت اچي ويو آھي تڏهن هن دهلي ۾گڏ ٿيڻ لاءِ ڪارڪنن کي پهچڻ جو حڪم ڏنو ۽ اعلان ڪيو ته گهٽ ۾گھٽ 15لک خاڪسار دهلي پهچن ته جيئن انگريز سرڪار خلاف هڪ هڪاڻي ڪري سگهجي علامه مشرقي خاڪسارن کي پهچڻ لاء جيڪا تاريخ ڏني ان تاريخ تي دهلي ۾اڍائي لک کن خاڪسار گڏ ٿيا جنهن کي ڏسي علامه مشرقي ايترو ته دل برداشته ٿيو جو هن اتي جو اتي خاڪسار تحريڪ کي ٽوڙڻ  جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽پنهنجي سڄي جدوجهد تان ئي  هٿ کڻي ويو.

مولانا جي ڌرڻي نما مارچ جو ڏيک، سنڏيار فائل فوٽو

چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن اعلانيل تاريخ تي 15لک خاڪسار دهلي ۾ گڏ ٿين ها ته ان ڏينهن تي اهي دهلي تي قبضو ڪري آزادي جو اعلان ڪري ڇڏين ها پر اهو ٿي نه سگهيو ۽خاڪسار تحريڪ ئي ختم ٿي وئي. اسان جڏهن مولانا فضل الرحمان پاران پنهنجن ڪارڪنن کي اسلام آباد ۾گڏ ته ڪيو آھي ڇا اهو ڪامياب ٿيندو يا نه تنهن جو فيصلو ڪجهه ڏينهن ۾سامهون اچي ويندو. بهرحال حڪومت ڪجهه دٻاءُ ۾ آئي پر هاڻي وقت گذرڻ سان اهو پريشر رليز ٿيندو نظر اچي رهيو آهي. فضل الرحمان سان ڳالهين لاء چوڌري ڀائرن سميت مختلف اڳواڻن کي ٽاسڪ ڏيئي ڇڏيو آهي ۽ لڳي ٿو مولانا به علامه مسرقي وانگر جلد پير ڊاهيندو. ڌرڻي وارا به پريشان ٿيا آهن ڇو ته هو جيڪي گاڏيون ڪرائي تي ڪري ويا آهن تن جو روزانو لکين روپيا ڪرايو سند ڳچي ۾ آهي، چون ٿا ته مولانا وٽ به مال جي کوٽ ناهي سندس اسپانسر کوڙ آهن پر سوال اهو آهي ته ڇا مولانا مارچ وارن کي پئسا ڏيندو. ڇو ته ملان ۽ سيدن وٺڻ سکيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو