فاٽا جي مسئلن بابت مولانا سان جرڳي جي ملاقات

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان قبائلي مشاورتي جرگيءَ ملاقات ڪئي،ملاقات ۾ اپر ڏکڻ وزيرستان ۾ مختلف آپريشنز جي عدم معاوضي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جاويد محسود ملاقات دوران چيو ته 80 هزار خاندانن جي سروي ڪئي وئي، ٽوڪن ڏنا ويا، 48 هزار خاندانن کي نقصان جو معاوضو ڏنو ويو، باقي رهيل آهن،تمام غريب ماڻهو آهن، جرڳي لاءِ مهم هلائي، نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي 5 لک فيس به گڏ ڪئي پر پريس ڪلب ۾ جرڳي ڪرڻ نه ڏنو ويو ، 2017ع ۾ ٽوڪن ڏنو پر اڃا تائين نقصان جو ازالو ناهي ڪيو، جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان بار بار چيو آهي ته اهڙي ريت دهشتگردي ختم نٿي ٿي سگهي، دهشتگردي سبب مختلف شهرن ۾ ماڻهو آباد ٿي ويا، اپر ڏکڻ وزيرستان جي علائقي مکين ۾ جلسي جي موقعي تي مون کي اسڪول ۾ ويهاريو ويو ڇو ته اتي سمورا گهر ڊهي ويا، اڳوڻي فاٽا جي عوام سان لکت ۾ واعدو ڪيو هو،اڳوڻي فاٽا جي عوام سان هر سال 100 ارب رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو پر 8 سال گذري ويا، 8 سالن ۾ به 100 ارب رپيا نه لڳايا ويا،4 لک رپين ۾ هڪ ڪمرو به نٿو ٺهي سگهي،ڇا 4 لکن ۾ گهر ٺهي سگهي ٿو؟ ،اپر ڏکڻ وزيرستان جي عوام کي نقصان جي ازالي لاءِ قدم کنيا وڃن،هر ڏکئي وقت ۾ قبائلين سان گڏ آهيون ۽ جيترو ٿي سگهي قبائلي جرڳا سڏائينداسين،انضمام ته ٿيو پر اڃا تائين ڪجهه به ناهي ٿيو، اڳوڻي فاٽا ۾ زمين جي رڪارڊ لاءِ اڃا تائين ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي،مان نقصان جو معاوضو وٺڻ لاءِ توهان سان گڏ آهيان

پهنجو تبصرو موڪليو