مولانا طارق جميل محمد يوسف ريسٽورنٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ)اڳوڻو ڪپتان ۽ سليڪٽر محمد يوسف فاسٽ فوڊ بزنس ۾ شامل ٿي ويو. مشهور مبلغ مولانا طارق جميل رڪارڊ قائم ڪندڙ ٽيسٽ ڪرڪيٽر جي ريسٽورنٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. تقريب ۾ اڳوڻي ڪپتان وقار يونس، سلمان بٽ، وهاب رياض ۽ عبدالرزاق به شرڪت ڪئي.لاهور جي علائقي ڊفينس ۾ محمد يوسف ريسٽورنٽ جي افتتاحي تقريب ۾ مولانا طارق جميل ربن ڪٽي دعا گهري.ان موقعي تي ڳالهائيندي محمد يوسف جو چوڻ هو ته سڄي زندگي ڪرڪيٽ کيڏندي رهيس ۽ هاڻي ڪوچنگ ۽ سليڪشن، ڪاروبار يا ڪو ٻيو ڪم منهنجي لاءِ مناسب ناهي.اڳوڻي ڪپتان چيو ته شيف جو تعلق منهنجي خاندان سان آهي، جيڪو منهنجي ڀاءُ جو پٽ آهي، ان ڪري مون اهو خطرو ورتو جڏهن ته منهنجو پٽ ۽ ناٺي ڪم کي ڏسندا.

پهنجو تبصرو موڪليو