مولانا فضل الرحمان پاران 20 آڪٽوبر 2019 کان اسلام آباد جو لاڪ ڊائون ڪرڻ وارو اعلان ڪيو ويو آهي. مولانا جي انهيءَ اعلان کان پوء جتي سرڪاري ڌر کي پريشانين اچي وڪوڙيو آهي ته ساڳي وقت پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) وارا به پريشان ٿي پيا آهن. مولانا فضل الرحمان پاران ٽي مطالبا رکي اسلام آباد ڏانهن پيش قدمي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو سندس هڪ مطالبو آهي ته وزير اعظم عمران خان استيعفيٰ ڏئي، موجوده حڪومت ختم ڪئي وڃي ۽ ٽيون مطالبو اٿس ته نيون عام چونڊون ڪرايون وڃن. جيتوڻيڪ مولانا فضل الرحمان قومي اسيمبليءَ ۾ چند سيٽون کٽي سگهندو آهي پر سڄي ملڪ ۾ وٽس ورڪرن جو ججهو انگ موجود آهي. ملڪ اندر نظرياتي سياست هڪ پاسي تيزيءَ سان ختم ٿي رهي آهي پر انهيءَ چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته مولانا جي پارٽيءَ وٽ نظرياتي ڪارڪنن جي کوٽ ناهي.
جنهن جي ڪري عام تصور اهو آهي ته مولانا اگر اسلام آباد مارچ ڪندو ته هو اڪيلو نه پر سندس ڪارڪنن جو تمام جهجهو انگ سندس پٺيان هوندو. اها ئي اُها واحد ڳالهه آهي جيڪا حڪومت کي پريشان ڪري ٿي. في الحال ته سياسي پوائنٽ اسڪورنگ خاطر حڪومت چئي رهي آهي ته مولانا اسلام آباد ايندو ته کيس ڪنٽينر ڏينداسون, پر سرڪار لاء اها ڳالھ ڪيتري قدر پريشان ڪندڙ هوندي اهو ڪير حڪومت کان پڇي. وزيراعظم عمران خان بار بار چوندو پيو رهي ته ”ڪنهن کي به اين آر او نه ڏيندس“.پر پاڻ سعودي عرب معرفت مولانا فضل الرحمان کان اين آر او وٺڻ لاء ڪوشش ۾ آهي. تحريڪ انصاف توڙي حڪومت جا ماڻهو انهن افواهن لاءِ چون ٿا ته ڪوڙا آهن، اسان سعودي عرب کان اهڙي ڪا به ناهي گهري. بهرحال اسلام آباد ڏانهن مارچ وارين مولانا جي ڌمڪين ۾ تيزي ايندي پئي وڃي ته حڪومت به کيس ڊيڄارڻ کان بس نه ٿي ڪري تازو ئي گهرو معاملن واري وفاقي وزير چيو ته مولانا احتجاج ڪندو ته گرفتار ٿي ويندو. ان سلسلي ۾ جي يو آءِ (ف) اڳواڻن واضح ڪيو آهي ته مولانا جي امڪاني گرفتاري جي صورت ۾ اسانجي پارٽيءَ جي بي ٽيم سامهون ايندي. ان ٽيم کي به اگر گرفتار ڪيو ويو ته ٽيم سي ميدان ۾ ايندي آخر حڪومت ڪيترا ماڻهو گرفتار ڪندي انهن ٽن ٽيمن تي ذميواري هوندي ته سڀ کان پهرين هو اسلام آباد پهچڻ جي ڪوشش ڪن اگر حڪومت سڄي ملڪ ۾ رڪاوٽون وڌيون ته پوء سڄي ملڪ ۾ موٽر ويز تي ڌرڻا هنيا ويندا شاهراهن کي بلاڪ ڪيو ويندو.
مولانا فضل الرحمان پهرين ڏينهن کان هن حڪومت جو سخت مخالف آهي پر مخالف ڌر جي وڏين پارٽين پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) پاران حڪومت کي ختم ڪرڻ بابت سندس ارادن سان اتفاق نه ڪيو ويو. مخالف ڌر جون اهي پارٽيون اڄ به مولانا سان صرف ڦوٽو سيشن ڪرائڻ تائين محدود آهن. پيپلزپارٽيءَ جي مرڪزي قيادت هن وقت جيل ۾ آهي انهن خلاف ڪرپشن سميت مني لانڊرنگ، جائيدادون ٺاهڻ جا ڪيس هلي رهيا آهن. وڏي وزير مراد شاهه جي گرفتاريءَ جا امڪان آهن پر پيپلزپارٽيءَ کي اهو رليف حاصل آهي ته صوبي ۾ سندن حڪومت هلڻ ڏني پئي وڃي. اها حڪومت بچائڻ خاطر ئي شايد پيپلزپارٽي مولانا جي منصوبن ۾ شامل نه پئي ٿئي. ٻئي پاسي مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي قيادت به جيلن ۾ آهي. اهي مبينا طور ڪوشش ۾ آهن ته ڪٿان ڪو ڪنڊ پاسو ملي ڪجھ ڏيئي وٺي جيلن مان نڪري آزاد فضائن ۾ ساھ کڻون مولانا سان گڏجي احتجاج ڪيوسين ته هڙئي هلي ويندي، امڪاني اين آر او واري اميد به ختم ٿي ويندي.
مخالف ڌر جي وڏين پارٽين جي اهڙين مجبورين باوجود مولانا فضل الرحمان اڃا تائين پنهنجي سر حڪومت خلاف اعلانيل لاڪ ڊائون تي پير ٻڌي بيٺل آهي ۽ نظر اهو پيو اچي ته اگر مولانا پنهنجي ضد تان نه لٿو ته اسلام آباد جو لاڪ ڊائون جي يو آءِ (ف) کي اڪيلي سِرِ ڪرڻو پوندو.