مولانا فضل الرحمان جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪريان ٿو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته جيڪڏهن وزيرن وٽ ترميمن جو مسودو ناهي ته پوءِ ٻڌائي ته اهو نسخو ڪٿان آيو؟ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اسد قيصر چيو ته قانون وارو وزير پاڻ چئي رهيو آهي ته وٽس ڪو به دستاويز ناهي، جيڪڏهن قانون واري وزير کي خبر ناهي ته پوءِ اهو مسودو ڪٿان آيو؟ هن چيو ته مون کي پيپلز پارٽي ۽ بلاول ڀٽو تي تمام گهڻو افسوس آهي، انهن وٽ ترميمن جو سمورو ڊرافٽ موجود هو، مون کي افسوس آهي ته انهن پارليامينٽ جو مذاق اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي.اسد قيصر جو چوڻ هو ته گرفتار ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ تي مان توهان جو ٿورائتو آهيان، پي ٽي آءِ ميمبرن جي بهادري ۽ جرئت کي سلام پيش ڪريان ٿو، خاص ڪري مولانا فضل الرحمان جي بهادري کي سلام پيش ڪريان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو