مومن سيف فٽبال ٽورنامينٽ ينگ اليون افغان اليون کان کٽي فائنل ۾

روھڙي (ن سنڌيار) روھڙي ۾ جاري مومن سيف فٽبال ٽورنامينٽ جو سيمي فائنل سخت مقابلي بعد ينگ اليون افغان اليون کان کٽي فائنل ۾ پهچي وئي  فٽبال ٽورنامينٽ ۾ انتظاميا ۽ رانديگرن پاران مھمان خاص پي ٽي آئي ضلعي سکر جي انفارميشن سيڪريٽري ڪاشف حسين قاضي ۽ روھڙي جي انفارميشن سيڪريٽري آصف خان پنهور کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ گلن جا هار پارائي مان بخشيو ويو جڏهن ته ڪاشف حسين قاضي پاران ونر ٽيم کي ٽرافي ۽ نقد انعام ڏنو ويو ۽ آصف خان پنهور پاران رنر ٽيم جي رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪندي انعام ڏنو ويو ان موقعي تي مھمان خاص ڳالھائيندي چيو ته روھڙي شھر ۾ راندين جي گرائونڊن کي آباد ڏسي تمام گھڻي خوشي ٿي رهي آهي ۽ گرائونڊ جي بھتري گرائونڊ کي سرسبز بڻائڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي ھن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آئي چيئرمين ۽ وزيراعظم عمران خان جي خاص ھدايتن تي راندين کي گھڻي اھميت ڏني پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو