اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي ريٽنگ ايجنسي موڊيز پاڪستاني بئنڪن جو منظرنامو مستحڪم مان هاڪاري ڪري ڇڏيو. موڊيز موجب، بئنڪن جي لچڪدار مالي ڪارڪردگي سبب منظرنامو هاڪاري ڪيو ويو آهي، جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ بهتر معاشي حالتن جو اظهار پڻ آهي. ريٽنگ ايجنسي جو چوڻ آهي ته سال 2025 دوران پاڪستان جي معاشي واڌ جي شرح 3 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي، جيڪا 2024 ۾ 2.5 سيڪڙو هئي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي ڪو آرڊينيٽر راڻا احسان افضال خان سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته هڪ سال اندر حاصل ڪيل هيءَ زبردست ڪارڪردگي وزيراعظم ۽ سندس معاشي ٽيم جي اڻٿڪ محنت جو نتيجو آهي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جي معاشي ٽيم جي ڪوششن سبب ملڪ غيريقيني صورتحال مان نڪري استحڪام ڏانهن اچي ويو آهي.
