ميئر جي گورنر سان ملاقات، ڇڪتاڻ ختم، گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي مرتضى وهاب گورنر هائوس پهتو، جتي هن جي گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ويجهڙ ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٿيل لفظي گولاباري کانپوءِ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ معاملا بهتر انداز ۾ اڳتي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات دوران ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري کي شهر جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ڪراچي جي مفاد ۾ اختلافن کي پوئتي ڇڏڻو پوندو، ملاقات ۾ شهر جي انتظامي معاملن، بلدياتي مسئلن ۽ ترقياتي منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري چيو ته ملاقات ميئر ڪراچي طرفان لکيل خط جي نتيجي ۾ عمل ۾ آئي. هن ٻڌايو ته هو اڄ اسلام آباد روانو ٿي رهيو آهي، جتي سندس ڪجهه اهم ملاقاتون رٿيل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو