منڊالي(ويب ڊيسڪ) ميانمار جي حڪمران فوجي جنتا جي ڪائونسل جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته زلزلي سبب هيستائين مري ويل ماڻهن جو انگ 1644 ٿي ويو آهي ۽ 3406 ماڻهو زخمي آهن. 139 ماڻهو لاپتا آهن. ڪيترائي ماڻهو اڃا ملبي هيٺ دٻيل آهن. بي بي سي جي رپورٽ موجب امداد ڪم جاري آهي، ملبو هٽائڻ لاءِ گهربل هيوي مشينري جي کوٽ آهي. رپورٽ موجب 2021 کان ملڪ ۾ گهرو جنگ جاري آهي ۽ مختلف هٿياربند گروپ فوج سان مهاڏو اٽڪائي رهيا آهن. زلزلي جي تباهي باوجود ميانمار جي فوجي جنتا زلزلي جي مرڪز ويجهو پرو ڊيموڪريسي گروپ جي ٺڪاڻن تي هوائي حملا جاري آهن. گڏيل قومن جي نمائندي خبردار ڪيو آهي ته اهي انساني الميي جي موقعي تي فوجي حملا جنگي ڏوهن جي دائري ۾ اچن ٿا. ميانمار ۾ گهر، اسڪول، مسجدون ۽ ٻيون 1500 عمارتن کي نقصان پهتو آهي. هڪ اسڪول ملبي جو ڍير بڻيل آهي جتان 6 استاد ۽ 50 کان مٿي ٻار گم آهن ۽خدشو آه ته اهي ملبي هيٺان دٻيل آهن. ميانماري جي گادي واري شهر جي مک هوائي اڏي جو ڪنٽرول ٽاور به ڪري پيڳ آهي جنهن سبب اڏامون متاثر ٿي رهيون آهن. شهر جي هڪ وڪيل س اين اين کي ٻڌايو ته سند گهرواري جا ٽي مائٽ مري ويا آهن ۽ سندن لاش ملبي هيٺ دٻيل آهن. هڪ شخص جي سوشل ميڊيا تي هڪ ڪلپ وائرل آهي جنهن ۾ هو ٻڌمت موجب پوڄا ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي ملبي هيٺان دٻجي فوت ٿيل ماءُ کي خدا حافظ چئي رهيو آهي.

بئنڪاڪ ۾ زلزلي جي صورتحال
ٿائيلينڊ، ميانمار جو پاڙيسري ملڪ آهي ۽ هن زلزلي جا خوفناڪ اثر ان جي گادي واري شهر بئنڪاڪ ۾ به ٿيا آهن. جتي هڪ تعمير هيٺ 33 ماڙ عمارت ملبي جو ڍير بڻجي وئي آهي. ٿائيلينڊ ۾ فوتين جو انگ 9 ٿي ويو آهي ۽ 60 کان مٿي مزدور لاپتا آهن، جن بابت خدشو آهي ته ملبي هيٺان دٻجي ويا آهن. ٿائيلينڊ جي وزيراعظم اڄ متاثره عمارت جو دورو ڪيو ۽ امداد ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
پرڏيهي امدادي ٽمون

سي اين اين جي رپورٽ موجب چين، ڀارت ۽ روس مان امدادي ٽيمون ميانمار پهتيون آهن، جڏهن ته هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ ملائيشيا به امدادي ٽيمون موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي. چين فوجي جنتا جي تمام ويجهو آهي ۽ چين ميانمار جو وڏو بزنس پارٽنر به آهي.
ميانمار زلزلي سبب 334 ايٽم بمن برابر توانائي پيدا ٿي
زميني علم يعني جيولوجوسٽ جيس فينڪس سي اين اين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ميانمار ۾ آيل 7.7 شدت جي زلزلي سبب 300 ايٽم بمن کان به وڌيڪ توانائي پيدا ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته هن جي ڪيلڪوليشن موجب 334 ايٽم بمن برابر زلزلي جي جهٽڪي سان توانائي پيدا ٿي آهي. هن خبردار ڪيو ته زلزلي جا جھٽڪا ڪجهه مهينن تائين جاري رهي سگهن ٿا، ڇو ته ڀارت جي ٽيڪٽونڪ پليٽ ميانمار جي هيٺان يوريشيائي پليٽ سان ٽڪرائجي رهي آهي۔ جيس فينڪس چيو ته ميانمار ۾ تباهي ملڪ جي خانه جنگي کان به وڌيڪ بدتر ٿي سگھي ٿي۔ ميانمار گذريل 4 سالن کان گهرو جنگ جو شڪار آهي، جيڪا هڪ خونريز ۽ اقتصادي طور تي تباهه ڪندڙ فوجي بغاوت کانپوءِ شروع ٿي، ان نتيجي ۾ فوج ملڪ جي مختلف علائقن ۾ بغاوت ڪندڙ گروپن سان وڙهندي رهي آهي۔ اهو تڪرار ۽ مواصلاتي بندش عالمي برادري کي زلزلي جي اصل اثرن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي۔ مقامي اختيارين موجب، ميانمار ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1644 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن۔