ينگون(ويب ڊيسڪ) ميانمار جي زلزلي ۾ فوتين جو انگ 2700 کان وڌي ويو آهي. اڱاري تي فوتين جي ياد ۾ هڪ منٽ خاموشي اختيار ڪئي وئي. هزارين بي گهر ٿيل ماڻهن جي عارضي رهائش، کاڌي پيتي ۽ دوائن جي کوٽ آهي. جمعي تي آيل 7.7 شدت جي زلزلي کي 72 ڪلڪ گذرڻ بعد ريسڪيو سروسز ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن جي بچڻ جو گهٽ امڪان ظاهر ڪيو آهي. گڏيل قومي جي خوارڪ واري پروگرام جي ايشيا بابت ريجنل ڊائريڪٽر سمير وينمالي بي بي سي کي ٻڌايو ته روڊ رستا ۽ پليون تباهه ٿيڻ بعد مختلف علائقن ۾ پهچڻ ۾ ڏکيائي آهي. هن چيو ته ورلڊ فوڊ پروگرام محدود پيماني تي امدادي ڪم ڪري رهيو آهي پر هزارين ماڻهن جي سار سنڀار لاءِ وڏي ڪم ۽ فنڊز جي ضرورت آهي. ياد رهي ته ميانمار ۾ زلزلي سبب سڀ کان وڌيڪ تباهي اڳوڻي گادي واري شهر منڊالي ۾ ٿي آهي. ٻئي پاسي بئنڪاڪ ۾ تعمير ٿيندڙ 33 ماڙ عمارت ڪرڻ بعد فوتين جو انگ 20 ٿي ويو آهي. ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي اين ڊي ايم اي پاران 35 ٽن امدادي سامان کڻي سي ون ثرٽي جهاز ينگون روانو ٿي ويو آهي. جنهن ۾ خوراڪ، دوائون، ڪمبلم خيما ۽ ترپالون شامل آهن. طارق فضل چوڌري ۽ ميانماري جي سفير سامان روانو ڪيو. جلد هڪ ٻيو جهاز به 35 ٽن سامان کڻي ينگون ويندو.
