ميرواهه گورچاڻي ۾ پراڻي تڪرار تان نوجوان قتل

ميرواه گورچاڻي:(ن س) ميرواه گورچاڻي ويجهو ڊينگاڻ ڀرڳڙي ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ دلاور شر ۾ پراڻي تڪرار تان ھٿيار بندن گھر ۾ داخل ٿي 37 ورھين جي نوجوان محمد حسن پٽ عارب شر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.اھڙو اطلاع ملڻ تي ڊينگاڻ ڀرڳڙي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جي مڙھ کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال آندو، جتي مقتول جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو تہ اسان جو امداد شر وارن سان پراڻي تڪرار تان جهيڙو ھلندڙ هو، جيڪي ھٿيارن سميت گھر ۾ داخل ٿي ڪري نوجوان محمد حسن شر کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا.پوليس فوت ٿيل محمد حسن شر جو لاش پوسٽ مارٽم کان پوء وارثن حوالي ڪيو، لاش گھر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، ٻئي پاسي پوليس موجب واقعي جي جاچ جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو