ميروخان مان نوجوان لاپتا،پوليس تحرڪ نه ورتو،وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد ميروخان چوڪ واري علائقي مان 19 ڏينهن اڳ پرسرار نموني لاپتا ٿي ويل نوجوان جو هن وقت ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو، جنهن سبب سندس گهر ۾ قهرام متل آهي ۽ نوجوان جا وارث سراپا احتجاج بڻيل آهن. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر وليد ٿاڻي جي حد ميروخان چوڪ واري علائقي مان گذريل 19 آگسٽ تي پرسرار نموني گم ٿي ويل نوجوان جي وارثن طرفان سندس ڳولا ۾ مدد لاءِ شهر جي ايس ايس پي چوڪ وٽان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي، جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي شهر جي يار محمد ڪالوني جي رهواسي پيرسن پورهيت بشير گاڏهي پنهنجي پٽن عبدالرشيد، اياز گاڏهي، صداقت، ڀاءُ ديدار گاڏهي، ڀائٽي عمران گاڏهي ۽ ٻين سان گڏجي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته منهنجو 24 سالن جو پٽ آزاد علي گاڏهي شهر جي سينٽرل جيل روڊ وٽ ايزي لوڊ جو دڪان هلائي گهرڀاتين جو پيٽ پاليندو آهي، جيڪو گذريل 19 آگسٽ تي ميرو خان چوڪ واري علائقي مان پرسرار نموني گم ٿي ويو آهي، جنهن جو فون نمبر به مسلسل بند ٿو ملي، جڏهن ته پٽ جي ڳولا مٽن مائٽن سميت سندس دوستن وٽ ڪرڻ سان گڏ اهڙو اطلاع حد جي وليد ٿاڻي تي پڻ ڏنو آهي، پر تنهن باوجود هن جو ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو. هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا دشمني به ناهي ۽ نه ئي وري پٽ مٿان ڪو ڪيس وغيره داخل ٿيل آهي، پر پوءِ به هو گذريل 19 ڏينهن کان وٺي لاپتا بڻيل آهي، جنهن سبب اسان سمورا گهرڀاتي سخت پريشان حال آهيون ۽ گهر ۾ پريشاني، مايوسي واري صورتحال ڇانيل آهي. هن ضلعي انتظاميه، لاڙڪاڻو پوليس جي اعليٰ عملدارن سميت چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پٽ جي ڳولا ۾ اسان جي مدد ڪري ڇانيل پريشاني ۽ مايوسي ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو