ميرپور ساڪر واسڻ ناري پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

ٺٽو ( ن س)ضلعي ٺٽي جي تعلقي ميرپورساڪرو جي شھر غلام ﷲ ۾ رھندڙ ڍولو برادري سان واسطو رکندڙ نوجوان ناري سَسئي ڌيءَ گُلو ڍولو گھر اندر رار ڌير سان ڳچي ۾ ڦاھو وجهي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو آھي، غلام ﷲ پوليس پاران ناري جي مڙھ کي سول اسپتال مڪلي ڏانھن منتقل ڪيو ويو جتي ناري جي پوسٽ مارٽم ٿيڻ کانپوء ضروري ڪاروائي بعد ناري جو مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو آھي، جڏھن ته ناري پاران ڪيل خودڪشي واري واقعي جا سبب سرڪاري طور تي آخري خبرن تائين معلوم ناھن پئجي سگھيا پر ذريعا ھن واقعي کي خد ڪشي بجاء قتل جو واقعي جو انديشو ظاھر ڪري رھيا آھن اھا بـ ڄاڻ پئي آھي تـ ناري جو اتان جي ڪنھن مقامي نوجوان سان عشق پڻ ھلندڙ ھو ناري جي عمر پندرنھن کان سورنھن سال ٻڌائي پئي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو