فوج تي حملن ۾ ملوث دهشتگرد ڪمانڊر8 ساٿين سميت مارجي ويو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)سڪيورٽي فورسز افغانستان ۾ انٽيليجنس معلومات جي آڌار تي فضائي حملا ڪيا جن ۾ اهم ڪمانڊر سميت 8 دهشتگرد مارجي ويا آهن. افغانستان جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان بعد پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ ان جي تصديق ڪئي آهي. بيان م چيو ويو آهي ته حافظ گل بهادر گروپ ۽ ڪالعدم ٽي ٽي پي جا افغانستان ۾ موجود دهشتگرد پاڪستان م لڳاتار حملا ڪري رهيا اهن جن ۾ سوين عام شهري ۽ سيڪورٽي فورسز جا اهلڪار شهيد ٿيا. 16 مارچ تي اتر وزيرستان ۾ سيڪورٽي چيڪ پوسٽ تي خود ڪش حملي ۾ پنج اهلڪار شهيد ٿيا هئا جنهن بعد دهشتگردن سان مقابلي هڪ ڪرنل ۽ هڪ ڪپتان به شهيد ٿي ويا هئا. جن جي جنازي نماز چڪلالا ۾ 17 مارچ تي ادا ڪئي وئي هئي. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري چيو هو ته دهشتگردن جو پيڇو ڪنداسين ۽ ڀرپور جواب ڏينداسين. سندس بيان بعد اها ڪارروائي عمل ۾ آئي آهي. ان ڏس ۾ پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آپريشن دوران فائرنگ جي تبادلي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن 17 ۽ 18 مارچ جي وچ واري رات ڪيو ويو. آپريشن دوران مارجي ويل دهشتگردن ۾ اعليٰ قدر جو ٽارگيٽ ڪلر ڪمانڊر سحرعرف جانان به شامل آهي.دهشتگرد سحر عرف جانان 16 مارچ تي مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي پوسٽ تي حملي ۾ ملوث هو. مارجي ويل دهشتگرد ڪمانڊر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انتهائي گهربل هو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ ممڪنه دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. پاڪ فوج جي پبلڪ رليشن کاتي جو اهو به چوڻ آهي ته پاڪستان جون سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو