ميسي پي ايس جي ڇڏڻ لاءِ الهلال سان ڊيل تي راضي

لنڊن (ويب ڊيسڪ)ارجنٽائن جي اسٽار فٽبالر ليونل ميسي فرانسيسي ڪلب کي الوداع چوڻ کانپوءِ سعودي عرب جي فٽبال ڪلب سان معاهدو ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي.برطانوي اخبار ڊيلي ايڪسپريس موجب ميسي هن وقت فرانسيسي ڪلب پيرس سينٽ جرمين (پي ايس جي) لاءِ کيڏي رهيو آهي.پي ايس جي تازو ئي ليونل ميسي کي سعودي عرب ۾ موڪلن تي 2 هفتن لاءِ معطل ڪيو هو.ميسي کي ڪلب پاران سعودي عرب ۾ سياحت جي سفير طور ڪم ڪرڻ تي ڏنڊ به لڳايو ويو.واضح رهي ته ميسي 2021 ۾ پي ايس جي سان 2 سالن جو معاهدو ڪيو هو، جيڪو هن سال ختم ٿي ويندو.ڪلب پاران معطلي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو ته ليونل ميسي پنهنجي معاهدي جي تجديد نه ڪندو ۽ ٻي ڪلب لاءِ کيڏڻ کي ترجيح ڏيندو.ان دوران رپورٽون سامهون آيون آهن ته سعودي فٽبال ڪلب الهلال ميسي کي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ معاوضو ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي.سعودي ڪلب ميسي کي 262 ملين پائونڊ (93 بلين رپين کان وڌيڪ) سالياني معاهدي جي آڇ ڪئي، جيڪو فٽبال جي تاريخ ۾ سڀ کان مهانگو معاهدو آهي.برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ميسي سعودي ڪلب جي آڇ قبول ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي ۽ جلد باضابطا اعلان متوقع آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو