مينهن جا واڙا،شهر ۾ گندگي،عوام پريشان، انتظاميا لاتعلق

لاڙڪاڻو (عبدالوحيد ابڙو) عدالتي حڪم جي باوجود به شهر مان مينهن جا واڙا ٻاهر منتقل نه ٿي سگهيا آهن ، جنهن سبب شهري عذاب ۾ آهن.  رائيس ڪئنال ۾ مينهن جي وھنجارڻ تي پابندي ۽ قلم 144 لاڳو ھئڻ باوجود انتظاميا عمل ڪرائي نه سگهي آهي. مقرر ڪيل گهير نه هئڻ سبب واهه جا ڪپر ڪمزور ٿي ويا آهن.

شهر جي مختلف محلن لاهوري محلا ، چانڊڪا پل، ڀينس ڪالوني،  ممتاز ڪالوني،  لھر ڪالوني  سچل ڪالوني، شھبازڪالوني، نظر محلا، رحمت پور محلا، الله آباد محلا، حيدري محلا ميروخان  چوڪ ۽  شهر جي ٻين علائقن ۾ سوين مينهن جا واڙا قائم ٿيل آهن ۽ انتظاميا جي عدم دلچسپي ڪري مينهن جاواڙا شهر مان ٻاهر منتقل نه ٿي سگهيا. ويتر ڏينهن به ڏينهن مينهن جا واڙا  وڌڻ لڳا لاڙڪاڻو  شهر ۾ مينهن جاواڙا  ھجڻ ڪري ٽريفڪ جي مسئلن سان گڏ ڊرينيج جو نظام  به خراب ٿي ويو آهي. ها جاءِ تي ڇيڻا آهن، گٽر ڀرجي وڃن ٿا، ناليون اٿلي رهيون آهن. اسڪولن جا ٻار به تنگ ٿين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو