ميهڙ ۾ پلال کي لڳل باهه مان هڪ شخص جو لاش هٿ

ميهڙ (ن س )ميهڙ ڀرسان پلال کي لڳل باهه مان هڪ شخص جو لاش هٿ آيو آهي، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اڻڄاتل ڪار سوار لاش پلال ۾ اڇلي باهه ڏئي فرار ٿي ويا. بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ گھاڙي ۾ اڻڄاتل ڪار سوار لاش پلال جي کري ۾ اڇلائي باھ فرار ٿي ويا.اطلاع ملڻ تي بي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي باھ تي ضابطو آڻي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال ميھڙ کڻائي آئي. پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي جي جسم جو ڪافي حصو سڙڻ سبب سڃاڻپ ناهي ٿي سگھيلاش جا جزا وٺي ڊي اين اي رپورٽ ڪرائي ويندي. ٻئي پاسي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اڻڄاتل ڪار سوار لاش پلال ۾ اڇلي باهه ڏئي فرار ٿي ويا جنهن بعد هنن پوليس کي اطلاع ڏني.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو