ميٽا جو فيس بڪ ۾ وڏين تبديلين جو اعلان

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)ميٽا گذريل ڪجهه سالن ۾ فيس بڪ جي مکيه فيڊ کي دريافت انجن ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.يعني هڪ اهڙي جاءِ جتي صفحن،گروپن ۽ اڪائونٽس مان مواد ڏيکاريو ويندو آهي جن کي توهان فالو نه ڪري رهيا آهيو، جيتوڻيڪ ڪمپني جو چوڻ آهي ته هي تبديلي ٽڪ ٽاڪ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، پر فيس بڪ استعمال ڪندڙن طرفان ان تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي ڇاڪاڻ ته اهي اڪثر ڪري انهن ماڻهن جون پوسٽون نه ڏسي سگهندا آهن جن کي اهي ڄاڻن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو ميٽا فيس بڪ ايپ ۾ فرينڊز سيڪشن کي ٻيهر ڊزائين ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو