ميچ ڪافي سٺي هئي، بهتري جي گنجائش موجود آهي: شاهين

لاھور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي جو چوڻ آهي ته ميچ ڪافي سٺي هئي پر بهتري جي هميشه گنجائش هوندي آهي، ڪوشش ڪندس ته پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪريان. ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهين آفريدي چيو ته سٺي ڳالهه اها آهي ته پرفارمنس جڏهن ضرورت پوي ٿي.هن چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته پاڪستان لاءِ جيترو ٿي سگهي وڌيڪ ميچ کٽي، جڏهن توهان پارٽنرشپ سان بالنگ ڪندا آهيو ته سٺي بالنگ ٿيندي آهي.شاهين آفريدي چيو ته گذريل ٻن ميچن ۾ پاڪستان جي بيٽنگ ڏاڍي مزيدار هئي، هاڻ ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ حملا ڪري مخالف تي دٻاءُ وجهي سگهو ٿا.هن چيو ته انگلينڊ کان اڳ هي سيريز ڪافي سٺي هئي.شاهين چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته بهترين کيڏون جڏهن اسان جي هٿن ۾ بال هجي، جتي به کيڏيون ٿا اتي سپورٽرز موجود آهن، جنهن سان حوصلو وڌي ٿو.فاسٽ بالر وڌيڪ چيو ته ٽيم کي جيتري سپورٽ ملندي ٽيم جي ڪارڪردگي به اوتري بهتر ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو