اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن جي رجسٽريشن تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ذريعن موجب، پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) ڪاليجن جي رجسٽريشن تي پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هاڻ پي ايم ڊي سي نون ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن جي رجسٽريشن نه ڪندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته 5 جنوري کان پوءِ ميڊيڪل ڪاليجن جي رجسٽريشن لاءِ جمع ٿيل درخواستن تي غور نه ڪيو ويندو، جڏهن ته 5 جنوري کان اڳ جمع ٿيل 13 ميڊيڪل ڪاليجن جون درخواستون غور هيٺ آهن. ذريعن موجب، ميڊيڪل ڪاليجن لاءِ فيڪلٽي جي کوٽ سبب رجسٽريشن تي پابندي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن جو مجموعي انگ 187 آهي، جن مان 121 نجي ۽ 66 سرڪاري آهن. ياد رهي ته گذريل مهيني پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل مبينا طور تي نجي ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن طرفان فيسن جي غيرقانوني اوڳاڙي تي به پابندي لڳائي هئي.
