ميگا ايونٽ ۾ غلطي جي ڪا گنجائش ناهي: عمر گل

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر عمر گل چيو آهي ته پاڪستاني ٽيم ۾ ڪافي ٽيلنٽ موجود آهي، شرط موجب پلاننگ ڪندا ته ڪاميابي ضرور ملندي، ميگا ايونٽ ۾ غلطين جي ڪا گنجائش ناهي، انڪري پنهنجي غلطين مان سبق سکيو ۽ اڳتي وڌو. خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اڳوڻي فاسٽ بالر عمر گل جو چوڻ هو ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ اڳتي وڌڻ جي ڀرپور صلاحيت آهي، بائونس بيڪ ۽ سپر فور ۾ داخل ٿيڻ جا چانس موجود آهن، منهنجي نظر ۾ ڏکڻ آفريڪا جون ٽيمون ۽ نيو. نيوزيلينڊ به سپر فور ۾ شامل ٿي سگهي ٿو.هن چيو ته گذريل ٻن ٽن سالن کان اسان وٽ شاهين، حارث ۽ نسيم جي صورت ۾ سٺو بالنگ اٽڪ موجود هو، ورلڊ ڪپ ۾ نسيم شاهه جي نه هجڻ سان پاڪستان جي بالنگ اٽڪ تي وڏو فرق پيو.عمر گل چيو ته شاهين آفريدي آخري ميچ ۾ 5 وڪيٽون وٺڻ کانپوءِ ڪافي اعتماد پيدا ڪيو هوندو، بالرز کي پنهنجو وزن کڻڻ گهرجي، ماضي جي ميچن کي وساري مستقبل تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو