ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي اربع تي نئين کاتي جي چارج سنڀالڻ بعد سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي. نئين کاتي بابت صوبائي وزير پنهنجي ٽيم جي ڪپتان کي تفصيلي بريفنگ ڏني. ملاقات دوران سنڌ جي وڏي وزير مڇي مارڻ لاءِ ماحول دوست ۽ جديد طريقا اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته مالوند ۽ ماهيگيرن جا مسئلا حل ڪري سندن لاءِ آسانيون پيدا ڪيون وڃن. ان موقعي تي صوبائي وزير، وڏي وزير کي سندس هدايتن تي عمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته چوپائي مال جي بهترين نسل کي فروغ ڏيڻ ۽ مڇي مارڻ لاءِ جديد ٽيڪنالوجي استعمال ڪرڻ لاءِ رٿائون جوڙيون وينديون. ياد رهي ته اڳ ۾ مسٽر ملڪاڻي يونيورسٽيز ۽ بورڊز واري کاتي جو وزير هو. ٻئي پاسي ايڪسائيز کاتو سنڀالڻ واري مڪيش ڪمار چاولا ۽ معاون خصوصي قاسم نويد قمر به ڌارا ڌار ملاقاتون ڪيون. وڏي وزير، چاولا کي منشيات جي خاتمي ۽ ٽيڪس وصولي وڌائڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. جڏهن ته قاسم نويد کي هدايت ڪئي ته سرڪاري ۽ نجي شعبي جي تعاون سان ترقياتي رٿائون شروع ڪريو ۽ مختلف شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪريو.
سارين جي امدادي اگهه ۾ اضافي جو مطالبو
سنڌيار سکر 21 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 21 نومبر 2024ع
راولپنڊي پوليس عمران خان جي نئين ڪيس ۾ گرفتاري ڄاڻائي ڇڏي
عزه ۾ جنگبندي جو ٺهراءُ چوٿون ڀيرو آمريڪا ويٽو ڪري ڇڏيو
چوپائي مال ۽ ماهيگيرن لاءِ انقلابي منصوبن تي ڪم ڪنداسين: ملڪاڻي
وفاقي حڪومت سان اختلافن جي نبيري لاءِ پي پي پاران ڪميٽي قائم
عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ سستي بجلي فراهم ڪرڻ ترجيح آهي
توشه خانه ٽو ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور
سنڌ پوليس لاءِ جديد هٿيار خريد ڪرڻ جو آرڊر ڏنو آهي: لنجار
ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف ايس ٽي پي سڪرنڊ باءِ پاس تي ڌرڻو
بنون چوڪي تي حملو، 12 جوان شهيد، 9 خارجي دهشتگرد مارجي ويا
سلام آهي سنڌ جي ماڻهن کي جن سرڪار کي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ کان روڪيو
مڇي مارڻ لاءِ ماحول دوست ۽ جديد طريقا اختيار ڪريو، شاهه
پيپلز پارٽي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سربراهي گهري ورتي
اسلام آباد ۽ رياض کي جاڙا شهر قرار ڏيڻ جي تجويز، سعودي جو اتفاق
ناڪاره جهاز جي ڪراچي کان حيدرآباد منتقلي
بخشاپور ۾ اڻڄاتل هٿياربندن هٿان ڦر دوران مزاحمت تي ڳوٺاڻو قتل
ٿرڙي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو، هڪ زخمي
سڳين ۾ منشيات جو وڪرو عام، نوجوان منشيات واپرائڻ سبب فوت