اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وزارت دفاع هلندڙ مالي سال ۾ پارليامينٽ مان منظور ڪيل بجٽ کان 36 ارب روپيا وڌيڪ خرچ ڪيا آهن جن جي ضمني گرانٽ ذريعي منظوري ورتي پئي وڄي. پارليامينٽ ۾ ناڻي کاتي پاران پيش ڪيل بجٽ دستاويزات ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مجموعي طور وفاقي حڪومت هلندڙ مالي سال ۾ 222 ارب روپيا وڌيڪ خرچ ڪيو آهي جن جي منظوري ڏني وڃي. وزارت دفاع پاران خرچ ڪيل 36 ارب جي واڌو رقم مان 20 ارب افغانستان جي سرحد تي ڪنڊيدار تار ۽ لائيٽون لڳائڻ، 5 ارب آرمي ۽ ايئرفورس جي اسپيشل ڊيوٽي الائونس، 5.89 ارب فوج جي سيڪورٽي ڊويزن ۽ ٻئي رقم مختلف مدن ۾ خرچ ڪئي وئي آهي. 30 جون تي ختم ٿيندڙ مالي سال ۾ دفاع لاءِ 1100 ارب روپيا رکيا ويا هئا جيڪي وڌي 1138 ارب ٿي ويا آهن. پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندڙ نئين مالي سال ۾ دفاع لاءِ 1152 ارب جي بجٽ رکي وئي آهي جيڪا هلندڙ سال مختص ڪيل بجٽ کان 4.8 سيڪڙو ۽ نظرثاني ٿيل دفاعي بجٽ کان ڏيڍ سيڪڙو وڌيڪ آهي. مٿي ڄاڻايل دفاعي بجٽ کانسواءِ دفاعي ترقيات لاءِ 370.5 ارب روپيا رکيا ويا آهن جيڪي 30 جون تي ختم ٿيندڙ مالي سال جي دفاعي ترقياتي بجٽ کان 160 سيڪڙو يعني 217 ارب روپيا وڌيڪ آهن. پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندڙ نئين مالي سال لاءِ مجموعي طور دفاع لاءِ 1522 ارب جي بجٽ رکي وئي آهي جيڪا هلندڙ مالي سال جي 1253 ارب جي ڀيٽ ۾ 21.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ان کانسواءِ ناڻي واري وزارت 4.3 ارب روپيا دفاع جي پيٽرول جي خرچ، سرحد تي مقامي ماڻهن جي مورچن، سيسنيا جهاز ۽ هيليڪاپٽر جي مرمت لاءِ پڻ ادا ڪيا آهن. بجٽ ۾ پيش ڪيل سرڪاري انگن اکرن بعد حڪومت جي اها دعويٰ غلط ثابت ٿئي ٿي ته فوج رضاڪارانه طور نئين مالي سال جي بجٽ ۾ واڌو رقم نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
