بدڪردار پٽ جي ماءُ سان زنا، گرفتار، ڏوهه جو اعتراف

نئون ڪوٽ (ن س ) نئون ڪوٽ ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش، وحشي صفت جوابدار پاران پنهنجي ماءُ سان مبينا لڄالٽ، ماءُ دانهن کڻي وڄوٽو ٿاڻي پهتي پوليس ماءُ سان لڄالٽ جي الزام هيٺ آيل جوابدار جمن کوسو کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، جوابدار پاران ڏاڍائي واري ڏوھ جو اعتراف، زيادتي جو نشانو بڻيل ماءُ ۽ سندس پٽ کي طبعي چڪاس لاءِ مٺي اسپتال اماڻيو ويو، آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب نئون ڪوٽ جي تاريخي قلعي ڀرسان انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش آيو جتي جوابدار جمن کوسو پنهنجي جيجل ماءُ کي لڄالٽ جو نشانو بڻايو، لڄالٽ جو نشانو بڻيل ماءُ وڄوٽو ٿاڻي تي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته رات دير سان پٽ جمن کوسو مون سان زيادتي ڪئي، منٿون ڪرڻ ۽ ماءُ جي رشتي جو احساس ڏيارڻ باوجود جنوني پٽ 2 ڀيرا زيادتي جو نشانو بڻايو، جنوني پٽ پاران مارڻ جي ڊپ کان آئون خاموش رهيس، ڊپ وچان لڪي رات ٿاڻي پهتي آهيان هن چيو ته اهڙو جنوني شخص پٽ سڏرائڻ جو حقدار ناهي کيس جيل اماڻي سزا ڏني وڃي، پوليس ماءُ سان لڄالٽ جي الزام هيٺ آيل جوابدار جمن کوسو کي حراست م وٺي ڇڏيو، پوليس موجب جوابدار ڏوھ باسي ورتو آهي، زيادتي جو نشانو بڻايل ماءُ ۽ سندس پٽ کي طبي چڪاس لاءِ مٺي سول اسپتال اماڻيو ويو آهي، جلد جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو