نادرا ميگا سينٽر ناظم آباد ۾ نئين پاسپورٽ آفيس جو افتتاح

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي شهرين جي سهولت لاءِ قدم کڻندي نادرا ميگا سينٽر ناظم آباد ۾ پاسپورٽ آفيس کولي ڇڏي،محسن نقوي نادرا ميگا سينٽر ناظم آباد ۾ نئين پاسپورٽ آفيس جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي گهرو وزير پاسپورٽ پروسيسنگ ڪائونٽرن جو معائنو ڪيو ۽ عملي سان ملاقات ڪئي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي نادرا سينٽر ۾ قائم پاسپورٽ آفيس جي ڪم ڪار بابت بريفنگ ڏني وئي.هن نادرا ميگا سينٽر تي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ ايندڙ شهرين سان ملاقات ڪئي ۽ ان عمل بابت پڇيو، جنهن تي شهرين بهترين سهولتن جي فراهمي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گهرو وزير محسن نقوي جو شڪريو ادا ڪيو.شهرين چيو ته انهن کي وڏيون سهولتون مليون آهن، توهان اسان لاءِ تمام گهڻيون سهولتون پيدا ڪيون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو