نارووال: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ضلعي نارووال ۾ تراويح جي نماز دوران جوابدار فائرنگ ڪري 3 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.. پوليس موجب قتل جي واردات گذريل ڏينهن تراويح جي نماز دوران ڪئي وئي جنهن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا.پوليس موجب شروعاتي جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ڪينڊا ۾ رهندڙ مقتول جي ڀاءُ زمان شوٽرز ذريعي فائرنگ ڪرائي فائرنگ ڪندڙ شوٽرز وزيرستان جو رهواسي آهي.3 ڄڻن جي قتل تي ريجنل پوليس آفيسر طيب حفيظ چيمه چيو ته مقتول عمران ۽ ان جي ڀاءُ زمين تان ويگن جي اڏي جي ملڪيت جو تڪرار آهي جڏهن ته مقتول عمران جي خلاف 8 ۽ زمان جي خلاف 9 ڪيس داخل ٿيل آهن. پوليس موجب تڪراري ويگن اڏو سيل آهي ۽ ڌرين جي خلاف دهشتگردي جي ڪارروائي به روڪي وئي هئي جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ 3 ٽيمون جوڙيون ويون آهن انهن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
