ناصر ريما خان کي فلم ۾ ڪاسٽ نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ)مشهور پاڪستاني ليکڪ ناصر اديب پنهنجي فلم ۾ اداڪارا ريما خان کي ڪاسٽ نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.ناصر اديب تازو ئي هڪ پوڊ ڪاسٽ تي مهمان طور نظر آيو جتي هن اداڪاره ريما خان بابت ڳالهايو.هن چيو ته يونس ملڪ هڪ دفعو مون کي فون ڪري چيو ته اسان کي پنهنجي فلم لاءِ 2 نيون اداڪارائن جي ضرورت آهي جنهن کانپوءِ اسان نئين اداڪارائن جي ڳولا شروع ڪئي ۽ اسان کي فلم ۾ ريما خان کي ڪاسٽ ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو.ناصر اديب چيو ته يونس ۽ مون کي ريما خان پسند نه هئا ۽ اسان کيس فلم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ کان انڪار ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته بعد ۾ يونس ملڪ مون کان پڇيو ته توهان ريما خان کي پسند ڇو نه ڪيو؟ تڏهن مون جواب ڏنو ته جيڪا مٺاس هن جي زبان ۾ هئي اها اکين ۾ نه هئي، جيڪڏهن فنڪار جون اکيون نه ڳالهائين ته پوءِ فنڪار بيڪار آهي.ناصر اديب اهو به چيو ته الله ڏيڻو آهي ان ڪري ريما خان انڊسٽري ۾ آئي ۽ سپر هٽ ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو