ناقص روشني ۾ به چِٽي وڊيو ڪال، واٽس ايپ وڏي سهولت ڏئي ڇڏي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)واٽس ايپ ۾ وڊيو ڪالز جي تجربي کي بهتر بڻائڻ لاءِ لو لائٽ موڊ متعارف ڪرايو ويو آهي. ان فيچر جو مقصد اهڙي جاين تي وڊيو ڪالز جو معيار بهتر بڻائڻ آهي، جتي روشني ناقص هوندي آهي. ان فيچر جو اعلان ڪمپني طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ متعارف ڪرايل ٻين ڪيترن ئي فيچرن سان گڏ ڪيو ويو هو. ڪمپني موجب واٽس ايپ ۾ لو لائٽ موڊ کي ان ايبل ڪرڻ سان گهٽ روشني واري جاين تي وڊيو ڪال جو معيار بهتر ٿي ويندو آهي. واٽس ايپ ۾ لو لائٽ موڊ استعمال ڪرڻ جو طريقو تمام آسان آهي، ان مقصد لاءِ ڪنهن وڊيو ڪال دوران مٿي ساڄي پاسي نظر ايندڙ بلب جي لوگو تي ڪلڪ ڪيو، ائين ڪرڻ سان لو لائٽ موڊ ان ايبل ٿي ويندو. اهڙي ريت توهان لو لائٽ موڊ کي ٽرن آف به ڪري سگهو ٿا. اهو فيچر آءِ او ايس ۽ اينڊرائيڊ ڊوائسز لاءِ دستياب ناهي، جڏهن ته اڃا تائين ويب ورزن لاءِ متعارف ناهي ڪرايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو